اسلام ڪوٽ ۾واپڊا لائين مين جو چوري جي جوابدار خلاف احتجاج

مٺي(بيوروچيف) اسلام ڪوٽ جي ميگهواڙ پاڙي ۾ ٻه مهينا اڳ ۾ واپڊا جي لائين مين مجنو ڏهوٽ جو موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر ڌمڪين تي لهي آيو،اُنهي سلسلي ۾ واپڊا لائين مين پريس ڪلب پهچي جوابدار خلاف احتجاج ڪيو ۽ پوليس تي شڪايت نہ ٻُڌڻ جو الزام هنيو،اُنهي موقعي تي واپڊا لائين مين منجو ڏهوٽ احتجاج ڪندي چيو آهي تہ جوابدار جيٺانند ولد گلاب ميگهواڙ جنهن ٻہ مهينا اڳ منهنجو موٽر سائيڪل چوري ڪيو،جنهن جو مون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو ۽ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو،جنهن بعد چور جي وارثن پاران پُٽ جيٺانند کي چور قرار ڏيئي اُنهي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو ۽ لاتعلقي جو اشتهار بہ اخبار ۾ ڏياريو هو،جوابدار جي مائيٽن لکي ڏنو هو تہ سندس پٽ چور ۽ ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي اسان جو هن سان ڪو بہ واسطو ناهي،پر وري بہ ساڳئي مائيٽن اُنهي چور جي ضمانت ڪرائي آهي لاتعلقي جي باوجود مائيٽ چور کي گهر ۾ ويهاري ويٺا آهن ۽ جيٺانند ميگهواڙ ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر مونکي ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي، هن آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو آهي تہ نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪري جوابدار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.