لاڙڪاڻي جي مختلف شهرن ۾ آصف جيلاني جون عقيدتمندن سان گڏجاڻيون

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شان اهلبيت و صحابه ڪرام جلسي جي حوالي سان درگاهه راڻي پور جي گادي نشين سيد آصف علي جيلاني قادري پاران جلسي جي بابت مختلف شهرن لاڙڪاڻو، رتوديرو، نئون ديرو، مديجي سميت ٻن شهرن ۾ عقيدتمندن سان گڏجاڻيون ڪيون جتي سيد آصف علي جيلاني چيو ته ايندڙ ڇنڇر جي ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جي نور ڪالوني ۾ جلسو ڪوٺايو ويندو جنهن ۾ ناليوارا عالم دين ۽ نعت خوان شرڪت ڪندا جنهن جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان رشيد سانگي ٻڌايو ته هر سال جيان هن سال به ايندڙ ڇنڇر تي شانِ اهلبيت و صحابه ڪرام جلسو رٿيل آهي جنهن جي حوالي سان سيد آصف علي جيلاني قادري نئوديرو، رتوديرو، لاڙڪاڻو سميت ٻن مختلف هنڌن تي گڏجاڻي ڪري رهيو آهي جيئن جلسي ۾ وڌ کان وڌ عقيدتمند شرڪت ڪن.

سکر ڀرسان مال گاڏي پٽڙي تان لهي وئي، 3 ڪلاڪ ٽريڪ بند

سکر( رپورٽر) سکر لڳ مال گاڏي پڙي تان لھي وئي، پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽريڪ بند. خبرموجب سکر لڳ مھيسرو واري علائقي ۾ پنجاب کان ڪراچي طرف ويندڙ مال گاڏي جا 4 گاڏا اوچتو پٽڙي تان لھي ويا. جنھن جي نتيجي ۾ پنجاب کان ڪراچي طرف ويندڙ ريلوي ٽريڪ بند ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي روھڙي لوڪوشيڊ مان امدادي ٽيمن کي روانو ڪيو ويو. 3 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد پٽڙي تان لھي ويل گاڏن کي پٽڙي تي چاڙھي ٽرين کي منزل طرف روانو ڪيو ويو. ھوڏانھن ريلوي ٽريڪ بند ٿيڻ سبب ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي بيهاريو ويو ھو. ٽريڪ بحال ٿيڻ بعد سموري ٽرينن کي منزلن طرف روانو ڪيو ويو آھي.

ڳڙهي ياسين ۾ يوسي ملازم پگهارن لاءِ سڪي ويا

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ)ڳڙهي ياسين يوسي نورگهه انڙ جي ملازمن سان ظلم بند نه ٿيو ، چيئرمين ۽ يوسي سيڪريٽري ملي ڀڳت ڪري لکين روپيه هڙپ ، ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ، 2 مهينا گذرڻ باجود پگهارون نه ٿي سگهيون ، ملازم سراپا احتجاج ، ان موقعي تي يونين ڪائونسل نورگهه انڙ جي ملازمن بقا محمد ديناري ، عابد مهر ، منظور خروس ، نصير محمد سميت 10 کان وڌيڪ ملازم احتجاج ڪندي چيو ته يوسي چيئرمين امتياز ککراڻي ۽ يوسي سيڪريٽري نجم الدين مرکياڻي ملي ڀڳت ڪري 12 لک ڪڍرائي هڙپ ڪري ويا آهن ، هنن دانهيندي چيو ته 30 آگسٽ تي لهي ويا آهن پر پوءِ به اسان جي پگهارن جا پئسا ڪڍرائي ويا آهن ،

هنن دانهيندي چيو ته ٻن مهينن کان پگهارون نه ٿيڻ سبب اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن رابطو ڪرڻ تي اڳوڻو چيئرمين امتياز ککراڻي ٻڌايو ته 30 آگسٽ کان مونکي چارج نه آهي ، ، مون مٿان لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن .

پيرونمل ويجهو واٽرسپلاءِ اسڪيم ڏيڍ مهيني کان بند!

 

پيرونمل (رپورٽ : مرتضيٰ لغاري ) پيرونمل ويجھو ڳوٺ دوست محمدوساڻ ۾ برساتن سبب گذريل ڏيڍ مهيني کان واٽرسپلا اسڪيم جو ڪم ناڪارا بڻيل پاڻي جي سپلا  بند ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهيل واٽرسپلا جيڪو ڪيترن ئي ڳوٺن کي پاڻي پھچائي ٿو جنھن جون مشنيون خراب ٿيڻ ڪري ڪٿي به پاڻي نه ٿو پهچي جنھن ڪري ڳوٺاڻا برساتي ۽ گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور خراب پاڻي واپرائڻ سبب انسانن توڙي جانورن جون زندگيون داء تي لڳل واٽر سپلائي جيڪو سولر سسٽم آهي اهو به پڻ ناڪارا ٿي چڪو آھي برسات سبب ڪيتريون ئي سولر پليٽون ٽٽي ويون آهن پاڻي جي فراهمي مڪمل بند ٿي چڪي آهي جڏهن ته پاڻي جي تلاء اندر ڪافي گند ڪچرو ڀرجي چڪو آهي. هتان جي ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارن ۽ پبلڪ هيلٿ جي آفيسرن کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته جلد ناڪارا ٿيل مشينري ٺھرائي  ۽ ٽٽل سولر به نوان لڳائي ڳوٺاڻن کي صاف پاڻي جي فراهمي ڪن ته جيئن هتان جا رهواسي مختلف بيمارين کان بچي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.