ڪلوئي ۾پيرسن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ڪلوئي (ن ع آ) ڳوٺ واڳونڍر واسي 80 سالن جي پيرسن حاجي احمد لنڊ پريس ڪلب ڪلوئي پهچي سخت احتجاج ڪندي دانهيو ته ڳوٺ جا بااثر ماڻهون جيڪي سندس رشتيدار پڻ آهن ڳوٺ واڳونڍر ۾ سندس زمين تي پوکيل فصل سميت مبينا قبضو ڪري ويا آهن پيرسن احتجاج ڪندي دانهيو ته بااثرن ڪافي وقت اڳ کان سندس ٻني تي قبضو ڪرڻ چاهيو پئه جنهن جون دانهون هن ڊي سي ٿرپارڪر مختيار ڪار ڏيپلو کي لکت ۾ پڻ ڏنيون آهن پر هنن ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي ۽ بااثر سندس زمين ۽ پوکيل فصل تي مبينا قبضا ڪري ويا آهن ۽ کين سندس ئي ٻني توڙي پوکيل فصل مان بي دخل ڪري کيس موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پيرسن دانهيو ته ڊي سي ٿرپارڪر کي ڏنل درخواستون ۽ زمين جا سمورا ڪاغذ وٽس پيل آهن هن اعلي اختيارين کان انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.