کوسڪي ۾ ٽائون ملازمن جي پگهارن لاءِ بک هڙتال

کوسڪي (ن ع آ)کوسڪي ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن کي گذريل ٻن مهينن کان پگهارون جاري ناهن ٿي سگهيون. ان ڏس ۾ ڪالهه پريس ڪلب آڏو ملازمن حيدر شيخ، مصطفيٰ رند، شام مسيح، ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالستار ٻرڙو ۽ ٻين بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ٽائون ملازمن جون ٻن مھينن کان پگھارون بند ھجڻ ڪري ملازم مشڪلاتن کي منهن ڏئي رھيا آهن. کوسڪي پريس ڪلب اڳيا ملازمن دانھيندي  چيو ته  برسات ايمرجنسي دوران رات ڏينهن ھڪ ڪري خدمتون سرانجام ڏنيون پر ايمرجنسي رليف ته نه مليو پر ٻن مهينن کان پگهار بند پيل آهي، گهرڀاتي فاقا ڪاٽي رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته اي سي اڳيان دانھون ڪري ٿڪي پيا آھيون پر ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. هنن مطالبو ڪيو ته ترت رھيل پگھارون ڏياري پريشاني ختم ڪئي وڃي نه ته احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.