پيپلزپارٽي روزگار ڏيڻ ۾ يقين رکي ٿي:اڪرام ڌاريجو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ گذريل 10 مهنين کان بند پيل گهوٽڪي پوليس شاپنگ سينٽر جا 72 دوڪان ڪورٽ جي حڪم تحت هڪ دفو ٻيهر کلي ويا، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو،ايم اين اي گهوٽڪي سردار محمد بخش خان مهر،ڊي سي گهوٽڪي عثمان عبدالله ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل دوڪان کولي افتتاح ڪري ڇڏيو،ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو عوام جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي موجودگي ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته پيپلز پارٽي روٽي ڪپڙا اور  مڪان تي اڄ به يقين رکي ٿي،اسان اليڪشن ۾ عوام سان اهو وعدو ڪيو هو ته گهوٽڪي ۾ ڪنهن کان به حق نه کسيو ويندو،ماڻهنن کي روزگار ڏڻو ويندو کسيو نه ويندو اڄ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته اسان جي پارٽي 72 دوڪانن جي ماڻهن سميت ان تي ڪم ڪندڙن کي حق وٺي ڏنو آهي، اهو پاڪستان پيپلز پارٽي جي ماڻهن جو ڪمال آهي ته انن کي روزگار وٺي ڏنو آهي،اسان جو اهو عمل گهوٽڪي جي ماڻهن جي لاءِ جاري رهندو،ان موقعي تي ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر ڳالهائندي چيو ته اسان جي هميشه اها ڪوشش آهي ته ماڻهن جو روزگار بحال رهي ماڻهو بدحالي کان بچڻ،فاڪاڪشي کان بچڻ،اڄ جيڪا خوشي اتي موجود 72 دوڪان مالڪن نه پر ان تي ڪم ڪندڙ 700 خاندان جي چهرن تي نظر اچي ٿي. ان موقعي تي ڊي سي گهوٽڪي،ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.