خانپور مهر ۾ ڳوٺاڻن جو حملي خلاف احتجاج

خانپور مهر (ن ع آ) خانپور مهر ويجهو عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪريم بخش ملڪ جي رھواسين جو بااثر جوابدارن پاران ذرعي زمين تي قبضو ڪرڻ توڙي گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ مردن مٿان تشدد سميت  فائرنگ ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو،، خبر موجب.. ڳوٺ ڪريم بخش ملڪ جي رھواسين محمد موسيٰ ملڪ، اصغر علي ملڪ، شوڪت علي ملڪ، مسمات سچل ملڪ سميت ٻين بااثر جوابدارن پوليس اهلڪار غلام فريد ملڪ، صداقت ملڪ، عبدالحمید ملڪ، جان محمد مڪ، آندل ملڪ ۽ ٻين جي ظلمن سميت زرعي زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ توڙي گھرن ۾ گھڙي عورتن تي تشدد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته بااثر جوابدار اسان جي ذاتي ملڪيت پنج ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري اسان جي گھرن ۾ گھڙي عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪري زخمي ڪيو آهي ۽ اسان جي گھرن مٿان سرڪاري ھٿيار سان فائرنگ ڪئي آهي اسان اھڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو سين پر هن وقت تائين پوليس نه پ پھتي آهي ان موقعي تي ميڊيا   تي احتجاجي مظاهرو ڪندڙ مسمات سچل وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي ذاتي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ ملڪ برادري سان تعلق رکندڙ بااثرن اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي،ڳوٺاڻن ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار پوليس اھلڪار غلام فريد ملڪ جيڪو اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري اسان کي مارڻ چاهي ٿو ان خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.