نوابشاهه ۾ شاگردن جو آن لائين ڪلاس خلاف احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف ايڊمن بلاڪ جي سامهون ٻئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي حسنين مستوئي، سجاد کوسو، مجيد مغيري، ڪاشف ڏاھري، سھيل جمالي، شاھد ابڙو، عامر جمالي ۽ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب پرائمري اسڪولن کليل آھن، سڄي سنڌ جون يونيورسٽيون کليل آھن، جڏھن ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميا ھن وقت به آن لائين ڪلاس وٺي ٿي، ھنن چيو ته اسان کان پھريان جيڪي آن لائين ڪلاس ورتا ويا انھن جا آن لائين امتحان ورتا وڃن ۽ ھن وقت اسان کي ريگيولر پڙھائي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته لکين رپيا فيسون ڀريون آهن جيستائين ريگيولر پڙهائي جو اعلان نه ڪيو ويندو تيستائين احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.