گورنر ۽ علي زيدي سنڌ جا وفادار ٿين:نظير ٻگهيو

خير محمد آريجا (ن ع آ) عوام عمران خان جي حُڪومت مان بيزار ٿِي چُڪو آهي، عوامي اُميدن موجب بلاول ڀُٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ نئين حُڪومت قائم ٿِيندي، پاڪستان تحريڪ انصاف حُڪومت جو خاتمو ويجھو اچي چُڪو آهي، هن چيو ته وفاقي حُڪومت نااهل آهي، اُها پنهنجي نااهلي لڪائڻ خاطر سنڌ حُڪومت مٿان الزام مڙهيا وڃن پيا، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وفاقي وزير علي زيدي ۽ گورنر سنڌ عمران اسماعيل سنڌ ڌرتي جا نمڪ هلال فرزند آهن ته پوءِ سنڌ امڙ سان غداري ڇو ڪن پيا؟ صدارتي آرڊيننس جي حمايت ڇو پيا ڪن جڏهن ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن صدر پاران آرڊيننس تحت “ پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي” وجود ۾ آندي ويئي آهي. جنهن سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن کي وفقي اٿارٽي هيٺ ڏِنو ويو آهي. جيڪو صوبن جي وحدت تي حملو آهي، آئين جي آرٽيڪل 172 جي سيڪشن 02 ۾ واضح لکيل آهي ته “ سامونڊي حدن ۾ موجود وسيلن تي صوبي جي مالڪي هوندي، ٻيٽن تي وفاقي اٿارٽي آئين جي ڀڃڪڙي آهي.” اڳوڻي ايم اين اي چيو ته گڏيل قومون سنڌ جي برسات متاثرين جي انساني همدردي جي بنياد تي مدد ڪن، خاص  طور تي جيڪي ماڻهو بي گھر ٿِيا آهن.

اُنهن جا نوان گھر ٺاهي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. حڪومت مهانگائي ۽ معيشيت جي تباهي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هر قسم جي ڳالھ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ملڪ جي ادارن جي سياست ۾ مداۡخلت نه ٿيڻ گھُرجي، اسان جي گھُر آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين ۽ سڀ ادارا آئين تحت ڪم ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.