پ پ 18 آڪٽوبر واري جلسي جي ڪاميابي لاءِ سرگرم

وارھ ( ن ع آ ) پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه وارهه سٽي وارھ ٽائون گاجي جو گڏيل اھم اجلاس ٿي گذريو اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه وارھ جو صدر رياض الدين ابڙو صاحب سٽي وارھ جو صدر قيصرخان ڇٽو سائين ارشاد شاھ صدر گاجي ٽائون ۽ جنرل سيڪريٽري پ پ پ تعلقه وارهه عبدالغفار بروهي 18 آڪٽوبر ڪراچي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء عھديدارن ورڪرن کي پابند ڪيو ويو، ميٽنک ۾ ضلعي صدر قمرالدين ڱوپانڱ صاحب جي امڙ  پ پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ۽ نوابزاده برهان خان چانڊيو جي ڏاڏي اعجاز جکراڻي جي امڙ سٽي وارھ جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ھيرو سومرو جي گھرواري ۽ پ پ پ جي جيالي سينيئر اڳواڻ عبدالعزيز ڇٽو  جيالي ڪارڪن مرحوم رئيس مجيد ڪلهوڙو جي وفات تي دعائي مغفرت گھري وئي.  ۽ ان کان علاوه پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪو چيئرمين سابقه صدر پاڪستان مرد مجاهد اشيا جي نيلسن منڊيلا جناب آصف علي زرداري جي لا ء پ پ پ سندھ جي سينيئر نائب صدر راشد حسين رباني جي صحتيابي لاء پڻ دعا گھري وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.