دريا خان مري گندگي جي ور، شهري پريشان

دريا خان مري (ن ع آ) ٽائون ڪميٽي دريا خان مري پاران شھر م مقرر ٿيل صفائي وارو عملو شھر جي مين بازار چاندني چوڪ بس اسٽاپ بازار سميت ٻين مختلف محلن م صفائي سٿرائي ڪرڻ بداران اڪثر ملازم ويزا عيوض گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳا جڏھن ته  صفائي عملي جا ڪجھ ملازم پرائيويٽ جڳھن جن م پيٽرول پمپ بنگلن ۽ اوطاقن تي ڊيوٽيون ڪري اتان ملندڙ پگھارن مان ٽائون ڪميٽي جي ملازمن کي حصو ڏيڻ سبب شھر م صفائي جي ڪم کان آجا آھن شھر م صفائي نه ٿيڻ سبب شھر جي بازارن گھٽين مسجدن اسڪولن قبرستانن آڏو گندگي جا ڍير پيل آھن ان حوالي سان دڪاندارن ۽ شھرين آفتاب خاصخيلي عبدالرشيد لاشاري غلام مصطفي خاصخيلي عبدالطيف لنڊ چيو ته ٽائون ڪميٽي جي صفائي عملي جا ملازم شھر جي بازارن توڙي شھر جي مختلف محلن م صفائي سٿرائي ڪرڻ بدران گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن صفائي نه ٿيڻ سبب شھر جي بازارن محلن گھٽين مسجدن اسڪولن آڏو گندگي جا ڍير نظر اچي رھيا آھن ھنن چيو ته ٽائون عملي جي لاپرواھي سبب قديمي قبرستان مراد شاھ بخاري تي پڻ گندگي جا ڍير پيل آھن قبرستان ڀرسان گندگي جي ڍيرن سبب علائقي م بدبوء پکڙيل ھجڻ ڪري فوت ٿيلن کي قبرستان م دفنائڻ لاء پڻ سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو . شھرين چيو ته ڏيڍ مھينو اڳ پيل برسات جو پاڻي ھن مھل تائين شھر جي مختلف ھنڌن تي بيٺل آھي ٽائون انتظاميه برسات جو بيٺل پاڻي ڪڍرائڻ لاء تيار ناھي جنھن سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي ۽ مڇرن جي آزار سبب شھري مليريا جھڙي موذي مرض ۾ وڪوڙجي رھيا آھن شھرين وڌيڪ چيو ته ٽائون ڪميٽي دريا خان مري م ڪلرڪ اسٽاف ھيلپر وائيٽ ڪالر سويپر ۽ صفائي عملي جا 100 کان وڌيڪ ملازم مقرر ٿيل آھن جيڪي ٽائون ڪميٽي جي اڌ کان وڌيڪ بجيٽ پگھارن تي خرچ ٿيڻ سبب شھر م ڪي به ترقياتي ڪم ناھن ٿي سگھيا ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب شھر جي مختلف ھنڌن تي ڪراس پڻ ٽٽل ھجڻ سبب شھرين کي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو جڏھن ته ڪلرڪ اسٽاف ھيلپر وائيٽ ڪالر سويپر توڙي صفائي عملي جا ملازم ويزا تي ھجڻ سبب گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن ۽ ٽائون عملي جا مخصوص ملازم ٽائون ڪميٽي تي پنھنجو حڪم ھلائي رھيا آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.