ايم اين اي محمد بخش مهر جون مومل ماڙي ۽ ڀرپاسي ۾ تعزيتون

مومل جي ماڙي (ن ع آ) پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جو مومل جي ماڙي جي مختلف علائقن جو دورو , پ پ اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ سان گڏ مختلف برادرين سان عذرخواهيون ,  سردار محمد بخش خان مهر گهوٽڪي لڳ مومل جي ماڙي پهچي ڀٽا برادري جي معزز رئيس حبيب الرحمان ڀٽو سان سندس امڙ جي وفات تي عذرهواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , جڏهن ته پ پ ايم اين اي استاد سڪندراعظم ڪڪڙو سان ڀيڻ ۽ غلام مرتظئ شيخ سان سندس والد جي وفات تي پڻ عذرخواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو ,  هوڏانهن پ پ ايم اين اي سان پ پ مومل جي ماڙي جي اڳواڻن شاھ خالد , ثناء الله ڀٽو , لياقت بوزدار ۽ ٻين ملاقات ڪري مومل جي ماڙي جي صورتحال بابت آگاھ ڪيو , ان موقعي ته پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ هو ته عوام سان پنهنجائپ وارو رشتو آهي , منهنجا عوام لاء دروازا کليل آهي , ان موقعي تي چيف سردار محمد بخش خان مهر سان گڏ دادن خان مهر , پ پ اڳواڻ شاھ خالد , ثناء الله ڀٽو ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.

صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سان امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جاري

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سان امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيتن جو سلسلو جاري، وڏي وزير جي آمد جا انتظام پورا وڏو وزير نه اچي سگهيو مرحومه جو (اڄ) ٽيجهو ٿيندو، صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سان امڙ جي لاڏاڻي تي ايم اين اي نواب خان وساڻ، سليم جان مزاري، ڊاڪٽر عبدالخالق کوسو، ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي، ڪمشنر لاڙڪاڻو سليم رضا کھڙو، اڳوڻي ايف آئي اي ڊائريڪٽر بشير ميمڻ سميت وڏي انگ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سردارن ۽ چڱن مڙسن جکراڻي ھائوس پھچي تعزيت ڪئي.  جڏهن ته وڏي وزير جي آمد جي سلسلي ۾ انتظام پڻ مڪمل ڪيا ويا هئا شھر جي گذرگاهه جا دڪان بند ڪرائي بم ڊسپوزل اسڪواڊ رستو ڪليئر قرار ڏنو ھو ۽ پوليس جا اٽالا مختلف ھنڌن تي مقرر ڪيا ويا هئا پر وڏو وزير مصروفيتن سبب نه اچي سگهيو اڄ پڻ اچڻ متوقع ٻڌايو پيو وڃي جڏهن صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي امڙ جي ٽيجھي جو دعا جکراڻي ھائوس تي 3 وڳي ٿيندو خيرات في سبيل الله جو بندوبست ڪيو ويو.

گهوٽڪي جي يو آءِ جو بارڊر فورس اهلڪارن کي سندن ضلعن ۾ موڪلڻ جو مطالبو

خانپورمھر (ن ع آ) جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ ڀرتي ٿيل بارڊر فورس وارن اھلڪارن کي پنھنجي ضلعن ڏانھن اماڻيو وڃي. اھڙو مطالبو جي يو آئي ضلع گھوٽڪي جي مجلس شوريٰ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جنھنجي صدارت مولانا محمد اسحاق لغاري صاحب جن ڪئي ان اجلاس ۾ جي يوآئي تعلقه خانڳڙھ جو صدر حافظ نصرالله خان گبول ۽ ٻيا ميمبر پڻ شامل ھئا ھنن مطالبو ڪيو ته بارڊر فورس وارن1100 اھلڪارن کي سھولتن جي کوٽ آھي نئي انھن کي پنھنجن ضلعن ۾ بدلي ڪيو ٿو وڃي. ان ڪري ھو وڏي ڏکيائن کي منھن ڏئي رھيا آھن 14سالن کان بارڊر فورس جا نوجوان ھڪ ئي جگھ تي ڊيوٽي ڪري رھيا آھن جي يو آئي مطالبو ڪيو ته انھن اھلڪارن کي ڊسٽرڪٽ پوليس ۾ ضم ڪري بدلي جو حق ڏنو وڃي جيئن ھو پنھنجي ضلعن ۾ بدلي ڪرائي سگھن ۽انھن کي الائونس وغيره ۽ ترقي به ڏني وڃي ھنن آء جي سنڌ ۽سنڌ گورنمنٽ کان مطالبوڪيو ته بارڊر فورس اھلڪارن کي حق ڏيو انھن جي اولادن تي رحم ڪيو۔ھنن چيو ته جي يو اء باڊر فورس جي اھلڪارن جو آواز ھر فورم تي بلند ڪندي ۽اسان جون ھمدرديون انھن سان گڏ آھن۔ھنن وڌيڪ چيو گھوٽڪي ضلعي ۾ غير معياري ٻجن نقلي دوائون جي ڪري فصل تباھ ٿي ويو آھي DCگھوٽڪي کان مطالبو آھي ته انڪوائري ڪري غلط ڪم ڪندڙ اصلي ماڻھن خلاف ڪانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ غريب ھارين کي رليف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.