انب موري لڳ اسڪول کنڊر بڻيل، تعليم کاتو اڻڄاڻ، تدريسي عمل ٺپ

انب موري (ن ع آ ) ٽنڊو جان محمد جي ديھ 204 جو ڳوٺ ڇٽو خان جروار جا گرلز ۽ بوائز پرائمري اسڪول ڏھن سالن کان کنڊر بڻيل آھن.اسڪولن جي ڇتن جا ھرروز چاپر ڪِرن ٿا تنھن سبب ڪيترائي شاگرد شاگردياڻيون ماستر ماسترياڻو زخمي پڻ ٿيون آھن،بوائز پرائمري اسڪول جي ھڪڙي بلڊنگ مڪمل ڪِري تباھ ٿي چڪي آھي.بوائز پرائمري اسڪول جا شاگرد ٽينٽ/خيمي ۾ ويھي تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ گرلز پرائمري اسڪول جون شاگردياڻيون ڳوٺ جي وٽرنري اسپتال ۾ ويھي تعليم حاصل ڪن ٿيون.ڳوٺاڻن ۽ ماسترن کنڊر بڻيل اسڪولن جي حالت کان ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ کي بريف ڪيو آھي ۽ لکت ۾ پڻ درخواستون ڏنيون آھن جيڪي ريڪارڊ تي موجود آھن،پر اڃا عمل ناھي ٿي سگھيو.اُن سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر/ايس ڊي ايم تعلقو ڊگھڙي جھامن داس ھيراڻي ٻنھي اسڪولن جو دورو ڪيو،ھن ڳالھائيندي چيو تہ کنڊر بڻيل اسڪولن جي حوالي سان ايجوڪيشن سان لاڳاپيل ادارن کي ليٽر موڪلينداسون جيئن اسڪولن جي رپيئرنگ ٿئي. اُن موقعي تي ڳوٺاڻن رجب علي جروار,روشن جروار,منور علي جروار,فوجي دين محمد جروار ۽ ٻين صحافين کي ٻڌائيندي چيو تہ گذريل 2011ع واري مھاٻوڏ کان وٺي ٻئي اسڪول مڪمل کنڊر بڻيل آھن اسان اُن سلسلي ۾ ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ ۽ اُن سان لاڳاپيل ادارن کي بريف ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.