ڄام صاحب لڳ ريٽائرڊ ايس ايڇ او جي مان ۾ڪٻٽي ٽورنامينٽ منعقد

ڄام صاحب( ن ع آ ) شاندار نائيٽ ڪٻٽي ٽورنامينٽ ريٽائرڊ ايس ايڇ او محمد موسيٰ بروهي جي مان ۾ ٿي گذري نائيٽ ڪٻٽي ٽورنامينٽ ۾ مھمان خاص رئيس مينھان خان رند زنوار غلام شبیر رند رئيس حضور بخش بروهي پرنسپال مسعود احمد سهتو ڊاڪٽر رميش ڪمار ۽ محمد شريف بروهي سميت شهر جي هزارين ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ڪٻٽي ٽورنامينٽ ۾ ٽن ٽيمن ۾ سخت مقابلا ٿيا نوشهروفيروز ٽيم کي گهوٽڪي ٽيم شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي سندس ڄام صاحب ٽيم سان فائنل دنگل ٿيوآخر ۾ ڄام صاحب ٽيم پنهنجي طاقت جا جونهر ڏيکاري فائنل ڄام صاحب ٽيم کٽي ورتو

ٻيٽن تي قبضا قبول ناهن، وفاق قبلو درست ڪري: امجد پليجو

ڌاٻيجي(ن ع آ ) موجب عوامي رابطه تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام سرور پليجو سماجي اڳواڻ  امجد پليجو پنهجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته ٻيٽن تي قبضا قبول ناهن، وفاق قبلو درست ڪري،  اسين ڪنهن به ترقي جا مخالف ناهيون پر ترقي جي آڙ ۾ سنڌ ڌرتي ۽ ان جي وسيلن  تي سمنڊ ۽ ٻيٽن  تي شهر اڏي ڪري ترقي جي آڙ ۾  اتي ٻاهريان ماڻھو آباد ڪري ڌرتي ڌڻين کان پنهجي ڌرتي کسڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.   جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برادشت نه ڪيو ويندو

سجاول ۾جميعت طلباءِ اسلام جو اجلاس، جلسي جي ڀرپور حمايت جو اعلان

سجاول( ڊ  ر)  جميعت طلباءَ اسلام جو عامله اجلاس جميعت دفتر سجاول ۾ جعفر صادق ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ سڀني ميمبرن شرڪت ڪئي عامله جي ميمبرن مشورو ڪيو ته 18 آڪٽوبر 2020 تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ لا ڀرپور محنت ڪرڻي آهي. اسان مرڻ گهڙي تائين جماعت جو ساٿ ڏينداسين جڏهن به جماعت حڪم ڪندي ته لبيڪ چئي ميدان ۾ اينداسين

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.