سکر ۾ ترقياتي ڪم رولڙي جون شڪار، شهري پريشان، احتجاج

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر ۾ ھلندڙ ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار، نئين مقرر ايڊمنسٽريٽر ٻوٽو نه ٻاريو، اڪثر ترقياتي ڪم بند پيل، ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب ھلندڙ ترقياتي ڪم مڪمل نه ٿي سگھيا. احتجاج. خبرموجب سنڌ جي ٽئين وڏي تاريخي شھر سکر ۾ اڳوڻي ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ پاران شھر جي خوبصورتي توڙي پارڪن جي نئين سر تعمير وارا ڪم ميونسپل انتظاميا جي نااھلي سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويا آھن. شھر جي مختلف چوراھن، چوڪن جي تعمير تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود ڪم جو وقت پورو ٿيڻ باوجود تعميراتي ڪم مڪمل ناھي ٿي سگھيا. شھر جي چوڪن، چوراھن جا ڪم گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان بند پيل آھن. جڏھن ته ميونسپل ڪارپوريشن سکر پاران شھر ۾ قائم پارڪن کي نئين سر تعمير ڪرڻ وارو ڪم پڻ بند پيل آھي. جنھن سبب قاسم پارڪ، لطيف پارڪ، خورشيد ميموريل پارڪ ء ٻين پارڪن جا ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا آھن. سنڌ حڪومت پاران سکر ميونسپل ڪارپوريشن لاء نثار ميمڻ کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ کان پوء شھر ۾ ھلندڙ ترقياتي ڪمن طرف ڌيان نه ڏيڻ سبب سرڪار جا ڪروڙين روپيا لڙي وڃڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آھن.  ان ڏس ۾ سکر شھري اتحاد جي چيئرمين مولانا عبيدالله ڀٽو صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته سکر شھر جي خوبصورتي ۽ پارڪن جي نئين سر تعمير ڪرڻ واري ڪمن ۾ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ۽ عملي جي نااهلي سبب ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا آھن. شھر ۾ ترقياتي ڪم بند ھجڻ سبب تعميراتي سامان روڊن تي پيل آھن جنھن سبب شھري سخت پريشاني مان گذري رھيا آھن. ھن مطالبو ڪيو ته شھر ۾ بند ٿيل ترقياتي ڪمن کي ٻيھر شروع ڪري شھرين جا مسئلا حل ڪيا وڃن. ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.