مٺي ۾پيرسن جو بااثرن خلاف احتجاج

مٺي(بيوروچيف)ٿر جي ڳوٺ ھٿرائي واسي پيرسن جو بااثرن خلاف مٺي ۾ مظاهرو ڪيو،عوامي پريس ڪلب مٺي ۾ صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي هٿرائي واسي پيرسن مٺو راهمون چيو آھي تہ آئون هڪ مسڪين ماڻھو آھيان منهنجو ٻني ٻاري تي گذارو آھي تازو وسڪاري دوران آباد ڪيل ٻني ۾ ڪکائين جهوپڙي ٺاهي آباد هئس تہ بااثرن شفيع محمد،آچار،رمضان،حسن،الهجڙيو،امين،يار محمد،جمعون ۽ ٻين منهنجي ٻني ۾ اچي  مونکي چيو تہ اهو ٻني اسانجي آھي ۽ تون ٻاهر نڪر اسين تنهنجو فصل ڀيلائينداسين جيڪڏھن تون اسانجي چوڻ تي قبضو خالي نہ ڪندين تہ توکي زنده نہ ڇڏينداسين . ۽ ھنن شرپسندن منهنجي رهائش لاءِ ٺھيل لانڍي کي پڻ باھ ڏيئي ساڙي ڇڏي آھي ۽ مونکي ڌمڪيون ڏيندا روانا ٿي ويا تہ ٻيهر جهوپڙي اڏڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻني کان ٻاهر نہ نڪرندين تہ ماري ڇڏينداسين،هن اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.