حيدر بخش جتوئي هارين لاءِ جدوجهد ڪئي:ڏوڪري لڳ سالگرهه

ڏوڪري (ت ر) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سالگره جي حوالي سان هاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ۽ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان ڏس ۾ ڏوڪريءَ ڀرسان ڳوٺ ڪانوَ پور ۾ ھاري ڪاميٽيء ضلعي لاڙڪاڻي پاران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 119 سالگره جي موقعي تي ھاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هاري ڪانفرنس ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل مير منور ٽالپر. ڪامريڊ ڏامرو مل.  ڪامريڊ امداد قاضي ڪامريڊ گلاب پيرزادو اديب ليکڪ  حاڪم منگي  اقرار پيرزادي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سڄي ڄمار هارين ۽ مزدورن جي حقن جي لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري ڇڏي جنهن تي اسان سندس عظمت کي سلام پيش ڪيون ٿا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي دور جي ڪليڪٽر جي نوڪري ڇڏي . هارين مزدورن پورهيتن حقن جي لاءِ آواز اٿاريو ۽ انهن جا حق حاصل ڪري ڏيکاريا اهڙا انسان پيدا ٿيڻ مشڪل اهن. هنن وڌيڪ چيو ته حيدر بخش جتوئي ظلم سان مهاڏو اٽڪائي انسان ذات کي هڪ نئين سوچ ڏني وڏيرڪي ۽ جاگيرداري نظام کي ٿڏي ڇڏيو. هنن چيو ته پ پ چند  وڏيرڪي ٽولي جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ جي وفاق حوالي ڪيل ٻيٽن ۾ پيپلزپارٽي برابر جي شريڪ آهي سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن وفاق پاران  قبضو ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.