جوهي ۾ کاتيدارن جو تيل گئس ڪمپني خلاف احتجاج

جوهي (ن ع آ) جوهي ۾ او پي پي ايل گئس تيل ڪمپني طرفان کاتيدارن جون رهتون ادا نه ڪرڻ خلاف کاتيدارن پاران ڪمپني جي مک دروازي آڏو موٽر سائيڪلون بيهاري ڪمپني عملدارن جي گاڏي روڪي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. کاتيدارن ايوب لنڊ، علي اڪبر پنهور، حاجي عرس پنهور، امير بخش لنڊ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا آڏو دانهيو ته ڪمپني جو لينڊ آفيسر امتياز جتوئي ۽ ٻيا عملدار 6 مهينن کان ايئرپورٽ لاءِ ليز ڏنل زمين جون 2 ڪروڙ روپين جون رهتون ادا نه ڪري رهيا آهن ۽ هر ڀيري احتجاج ڪرڻ تي رهتون ادا ڪرڻ جا ڪوڙا واعدا ڪن ٿا. هنن چيو ته ڪمپني انتظاميه احتجاج ڪرڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، ايس ايڇ او جوهي اڪبر پنهور خانگي گاڏي ۾ سوار ٿي مظاهرين کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ۽ کاتيدارن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ زبردستي ٻانهن مان جهلي گيٽ آڏو بيهاري تصويرون ڪڍيون جڏهن ته صحافين کي ان سڄي عمل جي ڪوريج ڪرڻ کان روڪيو ۽ ڪيمرا پڻ کسي ورتي. هوڏانهن مظاهرين پاران احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ايس ايڇ او اڪبر پنهور، ڪمپني جي لينڊ آفيسر امتياز جتوئي، سيڪيورٽي انچارج عنايت حسين کاتيدارن سان ڳالهيون ڪري ايندڙ مهيني جي 14 تاريخ تائين رهتون ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.