موري ۾ عورتن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

مورو (ن ع آ) موري ۾ ڳوٺ موسا ڏاھري جي عورتن، معصوم درويش ڇوڪرين،جو چار ايڪڙ زرعي زمين تي غير قانوني قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو،مظاھرين وٽ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا،۽ بااثرن خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي انصاف کپي انصاف کپي جا نعرا،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي مسمات امير زادي ڏاھري،عاشا ڏاھري،سويرا،رمشا ڏاھري،چيو ت اسان غريب مسڪين آھيون اسان جي چار ايڪڙ زرعي  زمين ڳوٺ موسا ڏاھري ۾ آھي جنھن  تي بااثرن جوابدارن ،اسماعيل ڏاھري،غلام نبي ڏاھري،نظير ڏاھري،غير قانوني ھٿيارن جي زور تي ناجائز قبضو ڪيو آھي،دولت پور پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود جوابدار گرفتار نٿي ڪري پوليس ڳري رشوت وٺھي خاموش ويھي رھي آھي.  ،ڪيترن ڏينھن باوجود ب ڪيس ۾ نامزد جوابدار  گرفتار نٿي ڪري بار بار ٿاڻي تي وڃڻ بعد انصاف نٿو ٿئي،بااثرن جوابدارن کي پ پ جي سياسي سپوٽ ھجڻ ڪري سندن وار ب ونگو نٿو ڪيو وڃي،زمين تي ن اچڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون،جان کي سخت خطرو آھي،ڪيڏي مھل ب ڏوھاري ماڻھو حملو ڪري سگھن ٿا،انصاف لائي ڪيتري عرصي کان در در دانھون ڪيون پيا،ڪير ب داد رسي نٿو ڪري،اسان آجي سنڌ ،ڊي آجي بينظير آباد،ايس ايس پي نوابشاھ سيشن جج نوابشاھ  ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ت زمين تان قبضو فورن ھٽائي ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.