گهوٽڪي پوليس جي ٽن مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ پڌري

خانپور مهر (ن ع آ) گهوٽڪي پوليس جون گذريل 3 مهينن ۾ اهم ڪاروايون، گھوٽڪي جي مختلف ٿاڻن تي ٽوٽل 1610 جوابدار گرفتار ٿيا جن مان 670 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيا ويا جن مان  44 جوابدار پوليس مقابلن ۾ شامل آھن ۽ پوليس مقابلي دوران 26 جوابدار گرفتار ٿيا جئين ته 12 جوابدار زخمي حالت حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا، جڏھن ته 1 جوابدارپوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.  ۽ وڌيڪ موٽرسائيڪل چورن جا 22 گروھ ختم ڪيا ويا جن مان 265 اشتھاري جوابدارن مان 127 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، منشيات جا 87 جوابدار گرفتار ڪيا ويا جن مان 78 تي ڪيس داخل ڪيو ويو، گھوٽڪي ٿاڻن جي پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي چرس 36 ڪلو 260 گرام 276 ليٽر ڪچي شراب ۽  ٺرو ۽ 215 بوتلون آڌھيه 17 گرام هيروئن ڀنگ 5 ڪلو 200 گرام گٽڪو پان پراگ جون پڙيون 2280 پيڪيٽ برآمد ڪيو، انهيءَ کانپوءِ سرچ آپريشن دوران 243 ماڻهن مان 59 جوابدارن کي گرفتار ڪري بغير لائسنس وارن هٿيارن جا ڪيس رجسٽرڊ ڪيا ويا، گھوٽڪي پوليس جي 3 رائفل 11 پستول  ريوالور 46 ڪلاشنڪوف 9 بندوقون 9 گوليون ۽ ڪارتوس 195 برآمد ڪيا، انھي کانپوءِ جوا جي الزام ۾ 455 جوابدار گرفتار ڪيا ويا جن مان 100 تي ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ جوا جي ڪيسن ۾ 217040 رقم ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو ويو.

سکر ۾ ڀنڀرا برادري جو چڱو مڙس بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

سکر(رپورٽر)ڀنڀرا برادري جو چيف سردار دريا خان ڀنڀرو  85سال جي عمر ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي جنازي نماز اڄ شام 5:00 بجه سندس جي ڳوٺ  آرڊي 186 رائٽ سائٽ ڳوٺ مولابخش ڀنڀرو تعلقا صالح پٽ ۾ ادا ڪئي وئي.

گھوٽڪي ۾ ينگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي رانديگرن جو اجلاس، ٽيم جو نالو تبديل

گهوٽڪي(ڊ ر) گھوٽڪي ۾ ينگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي رانديگرن جو اجلاس، ٽيم جو نالو تبديل ڪري نوان عهديدار مقرر ڪيا ويا، خبرموجب ينگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي رانديگرن جو هڪ اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ متفقه راء سان ڪرڪيٽ ٽيم جو نالو ينگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب مان تبديل ڪري ساگر ڪرڪيٽ ڪلب خان ڳوٺ رکيو ويو، جنهن بعد عهديدارن جي به چونڊ ڪئي وئي.  جنهن ۾ سرپرست اعلىٰ سردار علي نواز خان گهوٽو، صدر محمد نواز خان، نائب صدر لياقت علي مغل، جنرل سيڪريٽري آغا صبور، جوائنٽ سيڪريٽري سهيل احمد، خزانچي رائو عابد علي، پريس سيڪريٽري عبدالحفيظ کي چونڊيو ويو، جڏھن ته نون عهديدارن کي مبارڪن جو سلسلو پڻ جاري آھي.

مٽياري جي صحافي علي فيضان خاصخيلي جو چاچو لاڏاڻو ڪري ويو

مٽياري (ڊ ر) مٽياري جي نوجوان صحافي علي فيضان خاصخيلي جو چاچو شبير احمد (ابو) خاصخيلي ڪافي وقت کان بيمار رهڻ بعد 52 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو سندس جنازي نماز سندس اباڻي قبرستان سيد شهمير ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ مٽياري جي سياسي سماجي، صحافين ۽ سول سوسائٽي پڻ وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.

18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جو وڏو جلسو ٿيندو:اي جي انصاري

مبارڪپور (  ن ع آ  ) جمعيت علماء اسلام پاران 18 آڪٽوبر تي جناح باغ ڪراچي ٿيندڙ پي ڊي ايم جي جلسہ عام جي ڪاميابي لا عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ جي يو آء ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جيڪب آباد، ٺل، ميرپور،جونگل،مبارڪ پور،غلامون، دين پور ۽ ٻين جڳھن تي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته نئي پاڪستان جي نالي تي عوام کي دوکو ڏيندڙ حڪمرانن خلاف پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ 18 آڪٽوبر جي تاريخي جلسو عوامي ريفرينڊم ثابت ٿيندو جنهن ۾ يارنهن پي ڊي ايم جي تنظيمن جا سربراهه ۽ لکين عوام شرڪت ڪري ناجائز حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪندو.  ھن چيو ته ايوب خان جي خلاف جهموري قوتن جي جدوجھد ۽ ضياء الحق خلاف ايم آر ڊي جي تحرڪ وانگر پي ڊي ايم جي تحريڪ ڪامياب ٿيندي. ۽ نااھل۽ سليڪٽيڊ حڪومت جو خاتمو آڻي ئي سک جو ساهه کنيو ويندو، ھن عوام کي اپيل ڪئي ته پي ڊي ايم جي جمھوري جدوجھد ۾ ساٿ ڏين. وڌيڪ چيو ته جيڪب آباد ضلعي مان وڏي انگ ۾ عوام ۽ ڪارڪن شرڪت ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.