سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ملازمن کي پگهارون نه مليون، حيدرآباد ۾احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن چاچڙ گروپ حيدرآباد پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي 33 ملازمن کي 8 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي امير علي شاهه ۽ ٻين چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا زراعت واري وزير اسماعيل راهو، سيڪريٽري عبدالرحيم ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪري چڪا آهيون، پر هينئر تائين ڪنهن به اسان جي مسئلي کي حل نه ڪيو آهي، جڏهن ته پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي وارو ماحول پکڙيل آهي، سندن معصوم ٻار بکون کاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن چيو ته سندن کاتي کي ڪنهن ٻئي کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي ته جيئن ٻين ادارن جيان اسان کي به ٽائيم تي پگهار ملي سگهي. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندن رهيل پگهارو جاري ڪري ملازمن کي پريشاني کان بچايو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.