ڀرياسٽي ۾ شاگرد کي ڪورونا ٿي ويو

ڀرياسٽي (رپورٽ: مجيد ڪيريو ))   ڀرياروڊ بوائيز هائير سڪينڊري اسڪول جي شاگرد کي ڪرونا جي تصديق ، شاگرد پنهنجي گهر ۾ آئسوليٽ ، ايس او پيز تي عمل ڪندي ماسڪ ۽ سماجي وٿي تي مڪمل عمل ڪيو پيو وڃي پرنسپال . تفصيل موجب ڀرياروڊ بوائيز هائير سڪينڊري اسڪول جي ستين ڪلاس جي شاگرد شامل علي پٽ باقر علي ڏهيو جي ڪرونا ٽيسٽ ٻه ڏينهن اڳ ورتي هئي جنهن جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي ، صحت کاتي پاران شاگرد کي  ڳوٺ گلاب ڏهيو ۾ پنهنجي گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو،جڏهن ته ٻئي پاسي بوائيز هائير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپال ذوالفقار ڪيريو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽيچنگ نان ٽيچنگ سميت ٻين سمورن اسڪول جي شاگردن جو ٽيسٽون ٿي ويون آهن جيڪي نيگٽيو آيون آهن ،۽ اسڪول اندر شاگردن کي انٽر ٿيڻ کان پهريان سينيٽائيزر لڳائي  ماسڪ ضروري ڪرار ڏنو ويو آهي .۽ سمورن شاگردن کي سماجي وٿي تحت پڙهايو پيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.