آريجن ۾ پيرسن جو ڀائيٽي ۽ ڀاڻيجي خلاف احتجاج

خير محمد آريجا (ن ع آ ) خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ مڏ باھو واسي ري اولادي پيرسن ديدار علي چانڊيو پنھنجي ڀائٽي عرض محمد چانڊيو ۽ ڀاڻيجي محمد علي ھيسباڻي خلاف صحافين اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي ھن صحافين اڳيان الزام لڳائيندي چيو ته منھنجو ڀائٽو عرض محمد چانڊيو ۽ ڀاڻيجو محمد علي ھيسباڻي ملڪيت تي مونکي مارڻ  چاھين ٿا، مونسان ٻه دفعا اڳ به وڙھيا آھن ۽ گذريل ڏينھن صبح سويل به منھنجي گھر ۾ گھري منھنجي گھر ۾ پيل قيمتي سامان کڻي ويا آھن ۽ مون تي تشدد پڻ ڪيو آھي، مون اھڙي ناجائزي جي دانھن باقراڻي ٿاڻي تي پڻ ڏني آھي ۽ اين سي داخل ڪرائي آھي. هن وقت تائين پوليس ڪوبه ايڪشن نه کنيو آهي ان موقعي تي ھن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻِين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا مونکي ڀائٽي ۽ ڀاڻيجي جي ظلم کان نجات ڏياري مونسان انصاف ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.