لاڙڪاڻي ۾ نئين ديري واسين جو بااثرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ نئون ديرو شهر جي قاسم آباد پاڙي جي رهواسين بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ٽيڪسي ڊرائيور علي مدد شيخ پنهنجي ڀاءُ غلام شبير، امداد علي، پٽ سعيد احمد شيخ ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 30 سال اڳ مون عبدالستار ڀٽو کان پاڙي ۾ 1500 فوٽ ايراضي تي ٺهيل گهر خريد ڪيو جنهن جا ڪاغذ منهنجي نالي تي آهن. هن الزام لڳايو ته بااثر عمران ڀٽو ۽ سندس ڀاءُ عادل ڀٽو وارا دعويٰ ڪري رهيا آهن ته انهن عبدالستار کان پراپرٽي خريد ڪئي هئي جنهن ۾ منهنجي جڳهه به شامل آهي ان معاملي تان هو مون سان گذريل ٽن سالن کان مسلسل ڦڏو ڪري پئسا گهري رهيا آهن انڪار تي انهن ٽي مهينا اڳ نئون ديرو ٿاڻي مون مٿان ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو جيڪو بعد ۾ ڪوڙو ثابت ٿيو ان بعد اهڙي معاملي جو فيصلي سيد ارشاد شاهه ڪيو پر بااثرن ان فيصلي کي مان ڏيڻ بجاءِ ويتر مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن . جن کي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي پٺڀرائي حاصل آهي اهڙي دانهن حد جي نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس کي ڏني پر پوليس به بااثرن خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.