سانگهڙ ۾صفائي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

سانگهڙ (رپورٽ: ھدايت الله لغاري ) سانگهڙ ۾سينٽري ورڪرن پاران پنھجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن سنيل ڪمار جاز ڪمار چيو ته شھدادپور ميونسپل ڪميٽي ۾ ڪم ڪندڙ سينٽري ورڪرن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي اسان کي پنجن سالن کان ڪڏھن ڪانٽريڪٽ تہ وري ھاڻي ٺيڪيداري نظام تحت ملازم رکيو ويو آهي سينٽري ورڪرن کي 17 ھزار کان وڌيڪ پگهار ڏني ويندي آهي پر اسان کي گذريل پنجن سالن کان ڏھ هزار پگھار ڏني ٿي وڃي،  جڏهن ته اسين ڏينھن رات برسات ھجي يا عيد پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا آھيون پر اسان کي نظر انداز ڪري رٽائر ٿيل پنجاھ سينٽري ورڪرن جي جاء تي غير واسطيدار ۽ وائٽ ڪالر ماڻھن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي اسان کي پڪو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.