مومل ماڙي جي جيالي جي پ پ سار نه لڌي

مومل جي ماڙي (ن ع آ ) پوري زندگي پيپلزپارٽي کي ارپيندڙ خاندان جي پارٽي سار نه لڌي , خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ قيادت کان واهر جي اپيل , رپورٽ موجب مومل جي ماڙي جي پيپلزپارٽي لاء پوري زندگي قربانيون ڏيندڙ ڪامريڊ محمد علي ڪلادي عرف لاهوتي کي پارٽي وساري ڇڏيو , محمد علي ڪلادي پارٽي جي سار نه لڳڻ ڪري فاڪا ڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور , لاهوتي محمد علي ڪلادي مومل جي ماڙي ۾ برياني کپائي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لڳو , لاهوتي محمد علي ڪلادي جو پورو خاندان پ پ پارٽي ۾ رهڻ ڪري سندس وڏيرا ۽ ڀوتار هميشه کيس ڏمريل رهن ٿا , تنهن هوندي به سندس پارٽي سان وفاداري نڀائيندي سندس گهر مٿان پ پ جو جهنڊو ڦرڪندو رهي ٿو.  , پوري زندگي پ پ لاء قرباني ڏيندڙ برياني کپائي ٻچن جو پيٽ پاليندڙ لاهوتي محمد علي ڪلادي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو خاندان پوري زندگي پيپلزپارٽي لاء ڀرپور قربانيون ڏنيون , پ پ ۾ رهڻ ڪري کوڙ ساريون تڪليفون برداش ڪرڻيون پيون پر پوء به پارٽي سان سچائي نڀائيندي اڄ به پارٽي سان سچائي نڀايون پيا , هن چيو ته ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ منهنجي خاندان ڪوڙا کادا ۽ جيل ڪاٽيون , هن چيو ته پوري زندگي پارٽي کي ڏني پر پارٽي وائدي وفا نه ڪئي , پارٽي جي ڪري سخت تڪليفون ڀوڳيون پ پ کي ووٽ ڏيڻ تي وڏيرا ۽ ڀوتار پڻ هميشه ڏمريل رهن ٿا , هن چيو ته پ پ سان منهنجي خاندان جي دلي محبت آهي , شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو سان بي پناھ پيار جي ڪري کيس پوري زندگي پ پ ۾ رهڻ جو وچن  ڪيو آهي , ان چيو ته ڪڏهن افسوس پڻ ٿيندو آهي جو پوري زندگي پارٽي کي ڏني پر کيس پارٽي ڪجھ ناهي ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.