آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران نئون ڪتاب شايع

ڪراچي (پ ر) آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران تاريخ جي موضوع تي هڪ ڪتاب چڀرايو ويو آهي، جنهن جي ڪالهه رونمائي ڪئي وئي، اها رونمائي اداري جي سوشل ميڊيا چئنلز ذريعي ڪئي وئي. ڪتاب جو نالو ” پنجاب اينڊ دي وار آف انڊيپنڊنس“ رکيو ويو آهي، جيڪو بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي جي اسٽنٽ پروفيسر طالب الحسن سارگانا پاران لکيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايم ڊي ارشد سيد حسين چيو ته هن کان اڳ لکيل ڪتابن ۾ پنجاب جي امير شاهي جي حوالي سان تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي ته ڪيئن انهن انگريزن سان ڳالهيون ڪيون ۽ آزادي جي جنگ ۾ هنن جو ڪهڙو ڪردار هو پر هي ڪتاب عوامي نقطه نظر کان لکيو ويو ته آهي پنجاب جي عام ماڻهن پاران آزادي جي جنگ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻين اڳواڻن به خيالن جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.