ماٿيلي ۾ پي پي ايڇ آءِ انتظاميا خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلو(ن ع آ) گھوٽڪي ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر شھر ميرپورماٿيلو ۾ پي پي ايڇ آء پاران مختلف ملازمتن لاء اميدوارن کان انٽرويئوز ورتا ويا آھن،جڏھن تہ انٽرويئو ڏيڻ لاء سوين بيروزگار نوجوان اميدوار پي پي ايڇ آء آفيس پھتا، ٻي طرف ڪيترن اميدوارن ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي پي پي ايڇ آء انتظاميہ خلاف احتجاجي مظاھرو پڻ ڪيو،ان موقعي تي شاھ حسين، محمد رياض، عبدالوحيد، نظر محمد ۽ ٻين دانھيندي چيو تہ مختلف لوئر اسٽاف جي پوسٽن لاء اپلائي ڪرڻ بعد پي پي ايڇ آء پاران انٽرويئو ڪال ڪري ٽوڪن ڏنا ويا، جڏھن تہ ٽيسٽ لاء وارو اچڻ بعد کانئن ٽيسٽ وٺڻ بجاء اھو چئي خالي واپس ڪيو ويو تہ ميرپورماٿيلو سميت مختلف يوسين لاء ڪي بہ ويڪينسيون ناھن، ھنن وڌيڪ چيو تہ اسان لوڪل اميدوارن کان ٽيسٽ وٺڻ بجاء سفارش ۽ رشوت عيوض سکر خيرپور ۽ ٻين ضلعن کان پھتل اميدوارن کان ٽيسٽ ورتا ويا آھن ، ھنن وسوارن کان پي پي ايڇ آء جي ريجنل انچارج سکر مظھر ويسر ۽ ٻين خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪندي کانئن ٽيسٽ وٺي ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ جي اپيل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.