پي ٽي آءِ اڳواڻ جي الزامن ۽ هراسان ڪرڻ جو نوٽيس ورتو وڃي: ظفر ابڙو

حيدرآباد(رپورٽر) لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو گهر ڪئي آهي ته مٿس پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ پاران ڪوڙا الزام هڻڻ، سندس پٽ ۽ گهروارن کي بنا جواز حراسا ڪرڻ جو نوٽيس ورتو وڃي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سوشل ميڊيا تي سندس خلاف پي ٽي آءِ جي ماڻهن جي چرچ تي غلط الزام هڻي سندس ساک خراب ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اصل ڳالهه اها آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ حليم عادل شيخ جي لاڙڪاڻي آمد تي صحافين کي نه گهرائڻ تي صحافين ڪوريج جو بائيڪاٽ ڪيو هو، جنهن کان پوءِ حليم عادل شيخ، سيف الله ابڙو جي گهر پريس ڪانفرنس ڪرڻ چاهي،  ان جو به صحافين مڪمل بائيڪاٽ ڪيو، جنهن تي سيف الله ابڙي لاڙڪاڻي جي اي ايس آءِ کان اهو بيان ڏياريو ته ظفر ابڙو ۽ ان جي ساٿين ڊيوٽي دوران انهيءَ جي وردي ڦاڙي ان کي تشدد جو نشانو بنايو آهي. جنهن جي انڪوائري غلام محمد جماڻي ڪئي، ان جاچ ۾ اي ايس آءِ اصغر مغيري ڪوڙو ثابت ٿيو. هن ٻڌايو ته جاچ آفيسر واضح طور لکيو ته اي ايس آءِ پنهنجي وردي پاڻ ڦاڙي ۽ ان مٿان ڪو به تشدد نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سيف الله ابڙو هڪ انجنيئر هو هاڻ هو ارب پتي ٿي ويو. هن صحافي برادري کي اپيل ڪئي ته حليم عادل شيخ جي ڪوريج جو بائيڪاٽ ڪن.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.