ڏهرڪي ۽ ڀرپاسي جا روڊ ٽٽل، رهواسي پريشان

ڏهرڪي (ن ع آ) ڏهرڪي کا مختلف علائقن ريتي کينجو محمد پور سيد پور سانڪو ٻيروٽا جروار داد لغاري سميت سنڌ پنجاب بارڊر ڏانهن اچڻ وڃڻ جا روڊ رستا چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب ٽيهن سالن ۾ ٺهي نه ىسگهيا  جنهن ڪري تعلقي ڏهرڪي جي عوام کي سفري سهوليتن ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ڪم ڪار سانگي منٽن جي سفر کي طئي ڪرڻ لاء گاڏين تي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا جنهن ڪري اکڙيل رڊ رستن سبب عوام موٽر سائيڪل جي سفر کي ترجيح ڏيئي رهيا آهن اکڙيل روڊ رستن سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.  سياسي سماجي سوشل ورڪر تنظيمن جي اڳواڻن انجمن تاجران جي صدر شنڪر لال جاڳرتا فورم جي ذوالفقار چاچڙ ۽ قومپرست اڳواڻ ذوالفقار چاچڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڏهرڪي کان ڏھرڪي  ۽ اٻاوڙو ميرپور ماٿيلو  ريتي کينجو محمد پور ويندي 15 منٽن وارو سفر ڪلاڪن ۾  طئي ڪيون  ٿا . هنن چيو ته گذريل ٽيهن سالن کان هن علائقي جا روڊ جي مرمت نه ٿي سگهي آهي تنهن ڪري هي روڊ زبون حالتن جو شڪار ٿي ويا آهن هنن چيو ته چونڊيل نمائندا اسان سان ڪوڙا واعدا ڪري پورا نه ڪري سگهيا آهن اسين وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آھيون هنن چيو ته هاڻ اسان ڪنهن ايمرجنسي بيمار مريض ماڻهو کي کڻي ٿا نڪرون ته اهو رستي ۾ ئي دم ڏئي ٿو وڃي هنن ڊي سي گهوٽڪي ضلعي گهوٽڪي جي انتظاميه کان مطالبو ٿا ڪريون ته ٽيهن سال ۾ روڊ رستن جي مد ۾ آيل رقمن جي نيب کان انڪواري ڪرائي وڃي ۽ عوام جو پيسو عوام تي خرچ ڪرڻ جو ڪامورن کي پابند بنايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.