ڊي سي لسٻيله جو اوٿل اسپتال جو دورو،ڊاڪٽر غيرحاضر

حب(ن ع آ) ڊپٽي ڪمشنر لسٻيله ڊاڪٽر حسن وقار چيما ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال اوٿل جو اوچتو دورو ڪيو، هڪ وڳي او پي ڊي بند ڪرڻ تي ڊاڪٽرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، هن ايم ايس جي اسپتال ۾ موجود هئڻ باوجود وقت کان او پي ڊي بند ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ايم ايس کي غيرحاضر ڊاڪٽرن خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي ڊي سي حسن وقار چيما چيو ته صحت جي معاملي تي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، سمورا ڊاڪٽر پنهنجي حاضري يقيني بڻائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.