ڪوٽڙي ۾ ناري پراسرار نموني سڙي فوت

ڪوٽڙي (ت ر)ڪوٽڙي ويجھو ڳوٺ احمد خان شورو ۾ 30 ورھين جي ناري شھزادي زال غلام شبير شورو پراسرار نموني سڙي فوت ٿي  وئي آھي جنھن لاش کي بلاول ميڊيڪل اسپتال آندو ويو آھي جتي ناري جي وارثن سندس ڀاءُ گل محمد ۽ ڌڻي بخش شورو ٻڌايو ته سندن ڀيڻ کي ان جي مڙس غلام شبير ۽ سندس سھري ساڙيو آھي جنھن جي  خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ٻي پاسي پوليس ٻڌايو ته ناري جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو آھي جتي سندس پوسٽ ماٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.