حيدرآباد ۾ نينگر جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ نينگر جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ آيو. معاملو ڳجهارت بڻيل آهي. حيدرآباد جي بلديا ٿاڻي جي  حد گهمن آباد ۾ 10 ورهين جي نينگر مدثر پٽ نديم لاشاري جو گولي لڳل لاش گهر مان هٿ آيو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي وئي. جنهن لاش تحويل ۾ وٺي کڻائي اسپتال پهچايو. جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب نينگر گهر ۾ پستول سان راند پئي ڪئي ته اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. جڏهن ته علائقي ۾ اهي به چوٻول هئا ته نينگر خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.