اوڏيري ويجهو ٽنڊي ڄام يونيورسٽي جي شاگردن کان ڦرلٽ، هاءِ وي تي ڌرڻو

اوڏيرولعل وليج (رپوٽ معشوق علي قمبراڻي) اڏيرو لعل ويجهو سيکاٽ ٿاڻي جي حد  ۾ مين نيشنل هاء وي تان گزرندڙ هڪ ڪوسٽر ڪوچ کي نامعلوم هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي ٿاڻي جي لڳ چند مفاصلي  تي ٽنڊوڄام يونيورسٽي جي سکيا وٺندڙن شاگردن ۽ شاگردياڻيڻ سميت انهن سان گڏ استادن جي ٽيم کي هٿيارن جي زور تي سموري ڪوچ جنهن ۾ پنجاه جي لڳ ڀڳ شاگرد ۔شاگردراڻيون استاد ۽ رجسٽرارمحمد خان ڀنگوار, ايمپلائنر ايسوسيئشن جي صدر منظور حسين لاشاري , جئرنل سيڪريٽري عبدالرحمان ڳکڙ,عبدالجبارڏواچ, ظهورالدين وسطڙو, عاشق خاصخيلي . موجود هئا جيڪي سکيا جي لاء ٽنڊو ڄام کان سڪرنڊ وڃي رهيا هئا ته سيکاٽ ٿاڻي جي لڳ نامعلوم هٿيار بندن ڪوچ کي روڪي هٿيارن جي زور تي ڪوچ ۾سمورن شاگردن شاگردياڻين استادن کان لکين رپيا روڪ رقم سونا زيور قيمتي موبائيل ۔سميت ٻيو سامان ڦر ڪري هٿياربند ديده دليري سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب، واقعي بعد متاثرين سيکاٽ ٿاڻي تي پهتا جتي سيکاٽ پوليس کين واپس موٽائي ڇڏيو جنهن تي ڦر متاثرين پاران ٿاڻي جي سامهون مين نيشنل هاءِ وي تي درڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سان مين نيشنل هاء وي جا ٻئي پاسا بند ٿي ويا جنهن جي ڪري ٽريفڪ جون لائنون لڳي ويون ۔جنهن بعد مٽياري پوليس سميت ڊي ايس پي مٽياري ۔ڊي ايس پي سيکاٽ ۽ ٻيا عملدار ڌرڻي واري جڳه پهچي ويا جتي ڦرمتاثرين سان ڳالهيون ڪري روڊکولرايو ۽ ڦريل سامان جلد واپس ڪرائڻ جو يقين ڏياريو ويو جنهن بعد درڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.