ڪنڊياري ۾واپارين جي گرفتاري خلاف احتجاج، ڌرڻو

ڪنڊياري (ن ع آ) ڪنڊياري ۾واپارين جي گرفتاري خلاف احتجاج، ڌرڻو تفصيل موجب سنڌڙي پوليس پاران ڪنڊياري لڳ ڳوٺ وساڻ فارم گيٽ جي رھواسين ڪارن جو واپار ڪندڙ ڀائرن محمد ابراھيم ڪنڀر  نيڪ محمد ڪنڀر جي بغير ايف آء آر جي ڳوٺ وساڻ فارم گيٽ تي چڙھائي  ڪري گرفتار ڪرڻ خلاف عورتن زبيدھ زال محمد ابراھيم  مسمات رشيدھ ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ وساڻ گيٽ فارم سانگھڙ  ميرپورخاص  روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ عورتن صحافين آڏو داھيندي  چيو ته سنڌڙي پوليس بغير ايف آء آر جي گھرن ۾ گھڙي اسان جا ٻه ماڻهوَ کنڀي وئي آهي عورتن سان بدتميزي ڪري چار ديواري جو تقدس بائمال ڪيو آھي اسين ڏوهاري ناهيو گرفتاري ۽ چڙھائي جو اطلاع  ڪنڊياري حد جي پوليس کي به نه ڏنو ويو . ھنن وڌيڪ چيو ته گرفتار ڪيل ڪارن جو واپار ڪندا آهن وياج جا پئسا نه ڏيڻ تي سنڌڙي پوليس بااثرن  جي ونگار وھي اسان جي ماڻهن کي بغير ڪيس داخل ڪرڻ جي گھرن ۾ گھڙي چادر چوديواري جو تقدص پائمال ڪري گرفتار ڪيو آهي مظاهرو ڪندڙ سجاد ڪنڀر مسمات  زبيدھ  ڪنڀر رشيدھ  ڪنڀر اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته بنا اطلاع  ۽ بغير ڪيس داخل گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف مظاھرين  پاران ٻن ڪلاڪن تائين بند ڪيل سانگھڙ  ميرپورخاص  روڊ پيرومل پوليس مظاھرين  سان ڳالهيون ڪرڻ بعد کولائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.