ملير ويجهو غيرقانوني آئل ڊيپو کي باهه

ملير ( رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير رزق آباد پوليس ٽرينگ سينٽر لڳ غير قانوني طور گودام اندر قائم ڪيل آئيل ڊيپو ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي باهه جا شعلا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، فائربرگيڊ جا گاڏين ۽ مقامي ماڻهن  پنهنجي مدد پاڻ باهه تي ڪنٽرول ڪيو، ايس ايڇ او شاهه لطيف واقعي کي لڪائيندي جنريٽر ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ ظاهر ڪيو، رهواسين پاران راز فاش رزاق آباد ۾ قائم غير قانوني ڊيزل ۽ پيٽرول جي ڊيپو کي باهه لڳڻ سبب ڌماڪن ۽ باهه جي شعلن تي ڀر پاسي جا ڳوٺاڻا ٻاهر نڪري آيا، شاهه لطيف جي پوليس جي ايس ايڇ او جي سرپرستي ۾ هلندڙ غير قانوني ڊيپو کي مهينو اڳ باهه لڳي هئي جنهن ۾ ٻه ملازم سڙي معزور ٿي ويا آهن، قائد آباد کان گهگهر تائين نيشنل هائي روڊ جي ٻنهي پاسن تي قائم غير قانوني ڪروڊ آئل مان ڊيزل ۽ پيٽرول ٺاهڻ جا ڊيپو پوليس جي سرپستي ۾ هلي رهيا آهن، ملير واسين پاران آئي جي سنڌ کي غير قانوني ڊيزل ۽ پيٽرول وڪرو ڪندڙ مافيا خلاف فوري ڪاروائي جو مطالبو خبر موجب؛ رزق آباد پوليس ٽرينگ سينٽر لڳ غير قانوني طور گودام اندر قائم ڪيل آئيل ڊيپو ۾ گذريل رات دير سان اوچتو باهه ڀڙڪي پئي باهه جا شعلا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، فائربرگيڊ جا گاڏين ۽ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ باهه تي ڪنٽرول ڪيو، جڏهن ته واقعي بابت ايس ايڇ او شاهه لطيف کان معلوم ڪيو ويو ته هن معاملي کي لڪائيندي واقعي بابت چيو ته جنريٽر ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي آهي جنهن تي ضابطو آندو ويو آهي، جڏهن ته رزاق آباد، عبدالله ڳوٺ، خروس ڳوٺ جي رهواسين صحافين کي ٻڌايو ته گذريل رات دير سان تيل جي ڊيپو ۾ اوچتو باهه لڳن سبب باهه ڀرڪي پئي جنهن سبب خوف وچان رهواسي ٻاهر نڪري آيا، رهواسين پنهنجي مدد پان باهه تي ڪنٽرول آڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد فائر برگيڊ جي گاڏين پهچي باهه تي ڪنٽرول ڪيو، هنن چيو ته رزاق آباد ۽ ڀر پاسي جي علائقن سميت قومي شاهراهه گهگهر تائين روڊ جي ٻنهي پاسن تي غير قانوني طور تيل جا ڊيپو قائم ڪيا ويا آهن، جتي ڪچو تيل ۽ ڪروڊ آئل ملائي ڪري تيل جو غير قانوني ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو، ڪيترائي ڀيرا باهه لڳڻ جا واقعا پيش آيا آهن، پر پوليس جي ملي ڀڳت سبب کين ڇوٽ مليل آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.