باهو کوسو لڳ پوليس ڪارروائي، چورايل ڳئون هٿ

باهو کوسو (ن ع آ) باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش کوسو ۾  چورن ڳوٺاڻي عبدالمجيد کوسو جي گهران ڳئون چوري ڪري فرار ٿي ويا. پوليس ايس ايچ او عبدالغفار قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ ناڪابندي ڪئي چورن ڳئون ڇڏي فرار ٿي ويا , جنهن کي بروقت مالڪ جي حوالي ڪيو ويو آهي , ڳئون مالڪ  پوليس پارٽي جو شڪريو ادا ڪيو.ان موقعي تي باهو کوسو ٿاڻي جو  ايس ايڇ او عبدالغفار قمبراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عوام جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ اسان پوليس جو فرض آهي.پنھنجي حد ۾ ڪنھن بہ قسم جي بدامني برداشت نه ڪندس .۽  عوام کي اپيل ڪندس ته هو پوليس سان تعاون ڪن.

مبارڪپور ويجهو چور ڳوٺاڻي جي ڀلور مينهن ڪاهي فرار ٿي ويا

مبارڪپور(ن ع آ) مبارڪپور ۾ چورن تر تپائي ڏنو پورهيت جي ڀلوڙ مينهن چوري اين سي داخل. تفصيل موجب: مبارڪپور ۽ ان جي آس پاس واري علائقن جمن شاه ، خان ڪٽو ،  روزي شر ، پيارو مهر ، مرزا واه ۾  بدامنيءَ  جي باه ڀڙڪي پئي آهي جڏهن ته پوليس چورين تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي ، ٽن ڏينهن جي اندر چوريءَ جون 5 واردتون ٿي گذريون آهن  علائقي جو امن امان صفا  خراب ٿي ويو گذريل رات دير سان ڳوٺ خان ڪٽو ۾ نامعلوم چورن نياز ڪٽو جي گھر کي کاٽ هڻي هڪ  ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا ، عوام جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن  پوليس جي ڪن تي ڪا به جوءَ  نه چري علائقي واسين نياز ڪٽو  امان الله کوسو  شير  علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته علائقي جو امان امان بهتر بڻائڻ لاءِ ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.