ڳڙهي ياسين لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ ) ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽه ۾ ڳوٺ ٻاهران خالد حسين ڪاڪيپوٽو پنهنجي زمين ۾ ڪم ڪري رهيو هو ته بروهي برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ خالد حسين ڪاڪيپوٽو موقعي تي  قتل ٿي ويو ، فائرنگ جي آواز تي ڪاڪيپوٽه برادري جا هٿياربندن پهتا ته ڌرين ۾ ڇتي فائرنگ ٿي ، فائرنگ جي نتجي ۾ علائقي ۾ سخت خوف حراس ڇائنجي ويو ، جنهن بعد بروهي برادري جا ماڻهو فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ، اهڙي واقعي جو اطلاع ڳوٺاڻن پوليس کي ڏنو جيڪا واقعي واري هنڌ تي پهچي مقتول جو لاش کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، ياد رهي ته بروهي ۽ ڪاڪيپوٽه برادري ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان خوني تڪرار هلندڙ آهي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 20 کان مٿي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن ، ڌرين جو هڪ دفعو فيصلو پڻ ٿيل هو مگر ڌرين اڳرائي ڪري جهيڙي کي وڌايو ، هن جيهڙي سبب ڪيترائي علائقا نوگو ايريا بڻيل آهن ۽ ڌريون مورچابند بڻيل آهن ، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.