لاڙڪاڻي لڳ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ زال قتل ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڪنگا ٿاڻي جي حد جاويد ڪالوني ۾ 6 ٻارڙن جي امڙ عورت مومل خاتون عمراڻي کي سندس مڙس مير حسن عمراڻي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد  فرار ٿي ويو اطلاع تي حد جي ڪنگا ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا بعد ۾ قتل ٿيل عورت جو لاش چانڊڪا اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي قتل ٿيل عورت جي ڀاءُ غلام علي عمراڻي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ 6 ٻارن جي امڙ هئي جنهن مٿان سندس مڙس مير حسن عمراڻي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي کيس گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڀيڻ جي قتل ۾ ملوث سندس مڙس کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم بعد مقتولا عورت جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان حوالي سان ڪنگا ٿاڻي جي پوليس رابطي تي ٻڌايو ته جوابدار ميرحسن عمراڻي پنهنجي گهر واري ڪارنهن تهمت ڏئي قتل ڪري فرار ٿي ويو آھي جيڪو بلوچستان جو رهواسي آھي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهھ ڏينهن اڳ مير حسن جي گهر واري ڪاوڙجي هئي جنهن تي سندس مڙس کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو جنهن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن تمام جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.