لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻو ڪوچ هيٺان اچي فوت

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي اولڊ اسٽينڊ روڊ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ تيز رفتار ڪوچ هيٺيا اچي چيڀاٽجي  ٻيڙو چانڊيو جي ڳوٺ سرائي ڳڙهي محمد نواز عمراڻي واسي 4 ٻارڙن جو پيءُ 30 سالن جو رڪشا ڊرائيور محمد حيات پٽ گل محمد عمراڻي تڏي تي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي ماروٽ احمد علي عمراڻي ٻڌايو ته آءُ صبح جي وقت پنهنجي پڦاٽ محمد حيات سان گڏجي لاڙڪاڻي جي نادرا آفيس آياسين جتان ڳوٺ واپسي تي شهر جي نيو بس اسٽينڊ روڊ تي رڪشا سان ٽڪر بعد موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ تي اسين ڪري پياسين جنهن تي محمد حيات ڪوچ هيٺيان چيڀاٽجي ويو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جتي هو فوت ٿيو آهي.  هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.