ڪشمور لڳ حادثو، ٻارڙو فوت، عورت سوڌو2 زخمي

ڪشمور(ڊ ر)ڪشمور ويجهو ڊکڻ بنگلو وٽ انڊس هاءِ وي تي صادق آباد واسي موٽرسائيڪل سوار چانڊيا برادري سان روڊ  حادثو ڊاٽسن ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 سالن جو ٻارڙو پير بخش چانڊيو ٿڏي تي فوت ھڪ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي مسمات صاحبان چانڊيو ۽ ڪرم علي چانڊيو کي علاج لاءِ تعلقہ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي طبعي امداد ڏيڻ بعد پنهنجي گهر منتقل ڪيو ويو، . خبر موجب صادق آباد واسي خاندان ڪنڌڪوٽ ۾ شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ڊکڻ بنگلو وٽ ڊاٽسن سان موٽرسائيڪل جي ٽڪر لڳڻ سبب روڊ حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ نينگر فوت ٿي ويو ۽ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿيا وارثن طرفان اتفاقي حادثي سبب وارثن طرفان حادثي جو ڪيس داخل ناهي ڪرايو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.