گجو ۾ دڪان تان بوتل وٺي پيئندڙ همراهه فوت

گجو(ن ع آ)  گجي شھر ۾ قومي شاھراھ ڀرسان  پليجا شاپينگ سينٽر ۾ دڪان تان ھڪ شخص ڪولڊ ڊرنڪ ۾ لوڻ وجھي پيئڻ دوران  ڪري بيھوش ٿي تڙپندو رھيو ،اتي موجود شھرين مطابق ھنن فوري طور 1036 ايمبولينس وارن کي فون ڪئي پر ڪافي دير گذرڻ بعد به ايمبولينس نه پھتي جنهن ڪري ھمراھ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو ،بعد ۾ گجو پوليس پھچي کيس سول اسپتال مڪلي پھچايو ،گجو پوليس موجب ڊاڪٽرن ھمراھ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي سندس موت جو ڪارڻ ميجر اٽيڪ (سخت دل جو دورو) ٻڌايو، پوليس جي چوڻ موجب فوتيء جي سڃاڻپ ڪراچي جي سرجاني ٽائون واسي 44 ساله محمد عمر ولد جمع شيخ انصاري طور ٿي آهي.  ھو ٽريلر ڊرائيور ھوگجي لڳ ھڪ پيٽرول پمپ تي پيٽرول کڻي آيو ھو ،پمپ تي تڪليف ٿيڻ تي موٽر سائيڪل تي چڙھي گجي شھر پھچي دڪان تان ڪولڊ ڊرنڪ وٺي پيئڻ دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.