مدئجي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي ۾فوت

مدئجي(ن ع آ ) ڳوٺ سمان جوڻيجا جو رهواسي ٽي مهينا اڳ ڳاٽهڙي ڀڄڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان برڪت جوڻيجو زخمن جي سٽ  نه سهندي فوت ٿي ويو,فوتي نوجوان جو لاش ايمبولينس ذريعي ڳوٺ پهچايو ويو ته نوجوان جي گهر ڀاتين ۾ قهرام مچي ويو,جنهن بعد فوتي نوجوان جي جنازي نماز اد ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو,ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان ٽي مهينا اڳ وارهه ڪئنال ۾ وهنجي رهيو هو جنهن دوران ڌڪ لڳڻ سبب سندس ڳاٽهڙي ڀڄي پئي هئي,جنهن کي وارث علاج لاء ڪراچي اسپتال کڻائي ويا,جيڪو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو,جڏهن ته فوتي نوجوان جي وارثن سان عذرخواهي جو سلسلو هلندڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.