شادي پلي لڳ ڀت ڪرڻ سبب عورت فوت، هڪ زخمي

شادي پل( ن ع  آ  ) پراڻي شادي پلي ۾ هڪ افسوس ناڪ واقعيو پيش آيو گهر جي ديوار ڪرڻ سبب 2 ڄڻا ڀت هيٺان دٻجي ويا  ڳوٺاڻن همت ڪري ڀت هيٺان دٻيل ٻنهي ڄڻن کي ٻاهر ڪڍيو زخمين کي اسپتال آندو پيئي ويو ته 60 سالن جي عورت نالي ممتاز زال دين محمد پلي رستي ۾ فوت ٿي ويئي جڏھن ته زخمي 17 سالن جي احمد پلي کي سندس حالت سيريس هجڻ ڪري ميرپورخاص اسپتال روانو ڪيو ويو اطلاع تي شادي پلي پوليس پڻ سرزمين تي پهچي وارثن کان واقعي بابت معلومات ورتي فوتي جي وارثن موجب برساتن سبب گهر ڪمزور ٿي ويا هئا انهي هنڌ  نوان گهر ٺاھڻ لاء ديوارون ڊاهڻ دوران هي المناڪ واقعيو پيش آيو آھي ـ بئي طرف اھڙو واقعيو پيش اچڻ تي علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.