مٽياري ويجهو اڻڄاتل نوجوان جو لاش هٿ

مٽياري (ڊ ر) مٽياري ڀرسان ڇنڊڻ لڳ ڀنڀرا موري مان نامعلوم لاش هٿ، ڳوٺاڻن نامعلوم لاش کي لڙھندي ڏسي فوري طور مٽياري  پوليس کي اطلاع ڏنو ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته لاش ڪنهن نوجوان جو آهي ۽ لاش ڪجھ ڏينهن پراڻو ٿو لڳي، مٽياري پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي ڪڍرائي ورتو ۽ ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.