ملير جي خانگي فيڪٽري ۾پورهيت مبينا طور فوت، جاچ جو مطالبو

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو)  پورٽ قاسم لڳ قائم نجي ڪمپني نيشنل پيٽروليم ڪاربان NPC ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت اسلم  جسڪاڻي سيفٽي جو سامان نه هجڻ ۽ ڪيميڪل پلانٽ جي ٽريننگ نه هئڻ سبب پراسرار نموني فوت ٿي ويو, انتظاميا موجب نوجوان پورهيت جي موت زهريلي گئس سبب ساھ ٻوساٽجڻ سبب ٿي آھي جڏھن ته وارثن نوجوان جي موت تي خدشو ظاهر ڪندي چيو ته نوجوان جو سمورو جسم سڙيل هجڻ سبب اسانکي واقعي تي خدشا پيدا ٿي رهيا آھن, واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ موت جو ڪارڻ خبر پوي, نوجوان جي موت جي ذميوار انتظاميا آھي.  وارثن موجب نوجوان اسلم جسڪاڻي جي لاش 4 ڪلاڪن تائين ڪمپني جي ڊپارٽ ۾ پيل هئي, سندس رليور جي اچڻ بعد هن مئل حالت ۾ ڏسي انتظاميا کي اطلاع ڪيو, انتظاميا ڳجھ ڳوھ ۾ لاش وارثن حوالي ڪري کين 40 هزار ڏيئي ڳوٺ روانو ڪري ڇڏيو, ٻئي طرف ڪمپني انتظاميا پوليس کي اطلاع ڪرڻ بنا ۽ لاش جي پوسٽ مارٽم بغير نوجوان جو مڙھ وارثن حوالي ڪري ايمبولينس ۾ وجهي سندس ڳوٺ اڏيرو لعل اسٽيشن اماڻي ڇڏيو, نوجوان اسلم جسڪاڻي پوئينرن ۾ ھڪ معصوم نياڻي ۽ بيواه ڇڏي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.