مدئجي لڳ پوليس جي چڙهائي، 4 ڄڻا گرفتار

مدئجي(ن ع آ ) ڳوٺ عزت جي وانڍ تي ايس ايڇ او ڳاهيجا غلام مصطفي’ ابڙو جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن  چڙهائي ڪري جوڻيجا برادري جي گهرن ۾ داخل ٿي سرچ آپريشن ڪيو جنهن دوران گهرن ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا,پوليس اهلڪارن گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا,کاڌي پيتي جو سامان ۽ موٽر سائيڪل ڪاهڻ سان ڏ چئن ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻي وئي, ڳوٺاڻن چيوته ڳاهيجا پوليس عزت جي وانڍ ڀرسان نوان جوڻيجا ۾ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي جوڻيجا برادري جي گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪرڻ بعد گهرن ۾ پيل سمورو الهه تلهه ٻهارڻ سان گڏ  کڻي وئي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڳاهيجا پوليس جو چوڻ هو ته ماڪڙ پل وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏهارين واري اطلاع تي پهتا سين ته جوابدار ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران هڪ جوابدار کي ڦر ڪيل موٽر سائيڪل سميت گرفتار ڪيو جنهن جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي جتان شڪ جي بنياد تي ڪجهه گرفتاريون ڪيو ن آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

,,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.