بدين پوليس جي ڪارروائي، 5 موٽرسائيڪلون هٿ

بدين (رپورٽ: رازقڏنوکوسو) ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار جي ھدايتن تي ايس ايڇ او ڪڙيو گھنور سب انسپيڪٽر اصغر علي  سٺيو اسٽاف سميت ڳجھي اطلاع تي ڪڙيو گهنور ٽو متارو مين روڊ تي ڪامياب ڪارروائي ڪري موٽرسائيڪل چور گروهه جي عبدالڪريم ولد محمد شريف چانڊيو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ھڪ پسٽل ۽ ٽي رائونڊ ھٿ ڪري ورتا، جڏھن ته پوليس گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ دوران 5 چوري ٿيل موٽرسائيڪل ھٿ ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. پوليس پاران ھٿ ڪيل موٽرسائيڪلن ۾ محمد رفيق نظاماڻي ۽ ٻين جون موٽرسائيڪلون شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.