سلطانپور پريس ڪلب جي صدر جي گهران چور کاٽ هڻي ويا

پنوعاقل (ن ع آ)سلطانپور پريس ڪلب جي صدر حافظ خدابخش انڍڙ جي گھر مان چوري اڱاري رات نامعلوم ھٿياربندن صحافي جي گھر کي خاٽ ھڻي چوپايو مال مھينو  چورائي قاضي واھ ڪراس ڪري چور  مال چورائي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،ڳوٺاڻا چورن جو پيرو  کڻي پٺيان ويل واقعي جي ڪينٽ ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪئي وئي.

مٽياري مان 3 ڏوهاري گرفتار، هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

مٽياري (ڊ ر) مٽياري مان 3 ڏوهاري گرفتار، هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ تفصيل موجب ايس ايڇ او مٽياري اعجاز احمد سومرو پنهنجي گشت دوران کيس ڀنڀرا موري  جي لڳ روڊ ڪناري تي ڏوهارين جي موجودگي جو اطلاع مليو جنهن تي ايس ايڇ او مٽياري فوري طور ڪارروائي ڪندي سخت ناڪابندي ڪرائي 3 جوابدارن علي محمد کوسو، سجاد چنو ۽ عبدالمجيد مھر کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو جن وٽان 2 ٽي ٽي پستول 8 گوليون ۽ هڪ لوهي راڊ هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدار ڏوھه جي ارادي سان بيٺل هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.