ڏيپلي مان ٻڪريون چوري ڪرڻ جي ڪيس ۾4 جوابدارن کي 2-2 سال سزا

ڏيپلو (رپوٽ ) ڏيپلو جي عدالت 4 ٻڪريون چوري ڪرڻ جي ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي 2_ 2 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي  ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ چئني جوابدارن کي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو آهي، اڄ سول جوڊيشل مئجسٽريٽ سڪندر علي ٽالپر جي عدالت ٻڪريون چوري ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدارن سوائي ڪولهي، جيٺو ڪولهي، عبدالمجيد کوسو ۽ سڌير کوسو کي 2 _ 2 سال قيد ۽ 5 _ 5 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، هن ڪيس جي سرڪار پاران پيروي ايڊووڪيٽ اسد جوڻيجو ڪئي، ڪيس 6 مهينن تائين هليو، چئن جوابدارن مان ٻن جوابدارن عبدالحميد ۽ سڌير جو تعلق قاضي احمد نوابشاهه سان ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪي سوائي ۽ جيٺو سان گڏجي ٿر آيا هئا، ڊاٽسن ۾ ٻڪريون چوري ڪري وڃي رهيا هئا ته ڀاڳين پيرا کڻي کين ڀڪوئي ڀرسان پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو.

ٽنڊي آدم ۾منشيات رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي سزا

ٽنڊوآدم ( ت ر ) عدالت پاران ٻن جوابدارن کي منشيات رکڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 2 ، 2 سال قيد ۽ لک ، لک روپيا ڏنڊ جي سزا جو  حڪم رپورٽ موجب ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊوآدم قاضي عبدالحڪيم جي عدالت منشيات برآمد ٿيڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن سرور مڪراڻي ۽ ڪانجي ڀيل کي 2 ، 2 سال سخت پورهئي سان ٽيپ ۽ لک ، لک روپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو آهي ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 ، 6 مهينا وڌيڪ سزا ڀوڳيندا واضح رهي ته ٻنهي جوابدارن کي سٽي پوليس ڪجھ مهينا اڳ گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ ، هڪ ڪلو چرس برآمد ڪيو ۽ ٻنهي خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا هئا.

سوڀيديري مان شهري جي موٽرسائيڪل چوري

سوڀوديرو (ن ع آ) سوڀوديري جي شيخ پاڙي مان شهري نياز محمد شيخ جي موٽر سائيڪل چور ڪاهي فرار ٿي ويا. سوڀوديرو  ۾ وڌندڙ بدامني سبب ڪاروباري ماڻھو پريشان ٿي ويا آھن. متاثر ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته حد جي ايس ايڇ او کي ھٽائي بدامني تي ڪنٽرول ڪري موٽر سائيڪل واپس ڪرائي وڃي.

حيدرآباد۾ پي آئي اي آفيسر جو 10 ڏينهن جو رمانڊ منظور

حيدرآباد(رپورٽر) سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل پي آئي اي جي آفيسر علي مير ملاح  کي حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جتي نيب عملدارن جوابدار جي رمانڊ جي درخواست ڪئي. جنهن تي عدالت جوابدار جو 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو. پي آئي اي آفيسر علي مير ملاح کي گذريل رات ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو. علي مير ملاح تي روينيو کاتي جي مبينا ملي ڀڳت سان سجاول ضلعي ۾ 43 ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضي جو الزام آهي. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار زمين تي قبضو ڪري پنهنجي پٽ ۽ ٻين جي نالي تي اها زمين منتقل ڪئي آهي. جوابدار زمين تي غير قانوني هائوسنگ اسڪيم به شروع ڪئي آهي. هائوسنگ اسڪيم جي لاءِ 21 ايڪڙن تي الاٽمينٽ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.