ڪراچي مان کنڀيل ڀائر غلام رسول ۽ بشير شر آزاد نه ٿيا، وارثن جو احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ)16 آگسٽ تي ڀٽائي آباد مان کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائر شاگردن غلام رسول شر ۽ بشير شر اڃان تائين آزاد ٿي نه سگهيا آهن وارثن پاران سندن  آزاديء لاء پيرسن والد رزاق شر،ڀينرن مرڪ شر،پرهه شر،منير مگسي،سچل وڌو،رجب مگسي،ڀورل بليدي،زمان شاهه،سعيد ملهڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين صفورا چورنگي تي هٿن ۾ احتجاجي بينر کڻي آزادي لاء سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي رزاق شر چيو ته ٻن مهينن کان گهر مان کنڀي کنيل  ٻئي پٽ لاپتا آهن هو ٻن مهينن کان روڊن تي آهيون پر ڪو به نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي  پٽن جو ڪنهن به تنظيم سان واسطو ناهي جيڪڏهن هنن جو ڪو ڏوهه آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي مرڪ شر چيو ته اسين سخت پريشان آهيون ڀائرن جي گمشدگيء کانپوء امڙ جي طبعيت خراب ٿي وئي آهي.  اسان جا ڀائر بي گناهه آهن انساني حقن جون تنظيمون آزاديء  ۾ مدد ڪن پرهه شر دانهيندي چيو ته اسين به هن ملڪ جا شهري آهيون ته پوء ناانصافي ڇو ڪنهن کي به لاپتا ڪرڻ ملڪ جي آئين خلاف آهي ڀائرن کي فوري آزادي ڪيو وڃي منير مگسي چيو ته ڪيترائي قومي ڪارڪن گم آهن سندن ۾ ماتم جو ماحول آهي ڏوهه ڪندڙن لاء جيل ۽ عدالتون موجود آهن ان ڪري الزام هيٺ آيلن کي ملڪي عدالتن ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ آزاد ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

لاڙڪاڻي جي 6 کنڀيلن جا طوق نه ٽٽا، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل پنجن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن پنهنجي پيارن  جي تصويرن وارا بينر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اقصيٰ دايو، افسانه دايو، رحمت خاتون، عبداللطيف سولنگي، ضياءُ الدين مغيري ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان درزي نوجوا انصاف دايو کي 29 مئي 2017ع تي، شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان اسٽيٽ لائيف جي ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي کي 22 نومبر 2017 تي، 26 نومبر 2019ع تي شهر جي خالق ڪالوني مان خانگي سيڪيورٽي گارڊ نوجوان غلام عمر مغيري کي جڏهن ته گذريل 23 آگسٽ تي ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺ مان گارمينٽ جي فئڪٽري ۾ پورهيو ڪندڙ ٻن ڀائرن شيراز احمد ۽ فراز احمد سومرو کي کنڀي گم ڪيو ويو جن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته هن وقت انصاف دايو، غلام مرتضيٰ سولنگي ۽ غلام عمر جون پيرسن مائرون بيمار آهن جيڪي هر وقت پنهنجي پٽن کي ياد ڪري روئينديون رهن ٿيون جڏهن ته ٻين گهر ڀاتين سميت اسين سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون پر افسوس جو ڪير نوٽيس وٺڻ وارو به ناهي. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف، انساني حقن جي تنظيمن سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ميرپورخاص ۾مبينا اغوا ڪيل ناري بازياب،2 ڄڻا سوگها

ميرپورخاص ن ع آ ) هڪ هفتو اڳ ميرپورخاص لڳ درگاه جمن شاه تي باسيل سُکا ڀرڻ لاءِ پهتل پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري انوشا کي  پوليس لائين ۾ مقرر پوليس اهلڪار قلب حسين ۽ سندس ساٿاري رضا عمراڻي عرف بابوعمراڻي جي مدد سان عورت کي درگاه جمن شاه تان هٿيارن جي زور تي زوري اغوا ڪري فرار ٿي ويو هئا جنهن جو ڪيس ناري جي مڙس جي فرياد تي 8 سيپٽمبر تي محمود آباد تي داخل ڪيو ويو هو جنهن بعد پوليس اغوا ۾ ملوث مک جوابدار پوليس اهلڪار قلب حسين عرف بابو عمراڻي کي محمود آباد ڦاٽڪ لڳ ڇاپو هڻي گرفتار ڪري ورتو،  گرفتار بعد جانچ دوران پوليس اهلڪار پاران ناري کي قيد رکڻ واري جاءِ جي نشاندهي ڪرڻ تي ايس ايس پي ميرپورخاص فيصل بشير ميمڻ پاران ناري جي بازيابي لاءِ سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري  ۽ ايس ايڇ او محمود آباد افتخار باجوه جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي جنهن بعد جوڙيل ٽيم مٽياري لڳ ڳوٺ سيد ميرل شاه تي چاپو هڻي اغوا ڪيل انوشه کي پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.

شهدادڪوٽ ۾ کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ احتجاج

شھدادڪوٽ (ن ع آ ) سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن جي آزادي لاء شھدادڪوٽ ۾ سنڌ سڀا پاران احتجاجي مظاهرو  ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي علامتي ڪيمپ قائم ڪري چار ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال ڪئي,جتي مظاھرين سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل  قومي ڪارڪنن ۽ نوجوان جي بازيابي جو مطالبو ڪيو,  ان موقعي تي انعام سنڌي,عبدالجبار ھڪڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن ۽ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ پنجن مھينن کان ھڪ پرامن احتجاجي تحريڪ شروع ڪري پنهنجن جي آزادي چاھيون ٿا,پر جيڪڏهن اسان جي ڪنهن به نوجوان  تي ڪو ڪيس يا سنگين الزام آهي ته ان کي منظر عام تي آڻي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.  نه ڪي کيس گم ڪري وارثن کي پريشان ڪيو وڃي, ھنن چيو ته اسين پوري سنڌ ۾ وڃي ڪري کنڀيل نوجوانن جي آزادي لاءِ آواز اٿاريو آهي صرف اھو چاھيون ٿا ته کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ نوجوان کي ظاھر ڪري منظر عام تي آڻي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي .

گهوٽڪي واسي نوجوان ڪراچي کان ايندي گم

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي جي علائقي رحموالي جو نوجوان ڪراچي کان گهوٽڪي ايندي گم , وارث سخت پريشان , نوجوان جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل , خبر موجب گهوٽڪي جي علائقي رحموالي جو رهواسي نوجوان ڪاشف ولد عبدالرزاق ملڪ ڪراچي کان گهوٽڪي ايندي گم ٿي ويو , وارثن جي ڳولا بعد نوجوان هٿ نه اچي سگهيو , ان حوالي سان نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان ڪراچي ڪمائڻ لاء ويو , پگهار وٺي واپس گهر اچي رهيو هو ته رستي مان گم ٿي ويو , هنن حڪومت کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي .

مغوي پٽ کي 80 لک رپيا ڀنگ وٺي آزاد ڪيو ويو آهي: رياض پٺاڻ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ٽرانسپورٽر محمد رياض پٺاڻ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي  آهي ته 2 مهينا اڳ سکر مان اغوا ٿيل سندس پٽ طاهر علي، مينيجر نعيم علي خان عرف زرداري ۽ ڊرائيور شوڪت علي کي ڌاڙيلن 80 لک روپيا ڀنگ ادا ڪرڻ بعد آزاد ڪيو آهي، سندس پٽ ۽ ٻين ماڻهن جي اغوا ۾ ڄامشورو واسي ملوث آهي. اغوا ڪرائيندڙ شخص ڄامشورو ۾ گاڏين جي خريد ۽ وڪري جو ڪاروبار ڪندڙ آهي. هن چيو ته ڄاڻايل شخص جي چوڻ تي هن پنهنجي پٽ طاهر سميت ٽن ڄڻن کي 45 لک روپيا روڪ رقم ڏئي سکر ڪرين خريد ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو هو، جتان هو وين ذريعي ڪنڌڪوٽ پهتا، جتان کين غوثپور اچڻ لاءِ چيو ويو. هن ٻڌايو ته سندس پٽ ۽ ان جا ساٿي جڏهن غوثپور پهتا ته کين 3 هٿياربند اغوا ڪري ڪچي جي هڪ نامعلوم جاءِ تي کڻي ويا، جن کانئس ڀنگ طور ڏيڍ ڪروڙ روپيا رقم جي گهر ڪئي. هن چيو ته ڄاڻايل واقعي بابت ڪنڌڪوٽ پوليس سميت لاڙڪاڻي ريجن جي اعليٰ پوليس عملدارن کي آگاهه ڪيو، پر پوليس ڪجهه به نه ڪيو، آخرڪار ٻن مهينن جي ڪوشش بعد الهه تلهه وڪڻي 80 لک روپيا ڌاڙيلن کي ڀنگ ڏئي پنهنجا ماڻهو آزاد ڪرايا آهن. هن چيو ته واقعي جو ڪيس هن ڪنڌڪوٽ جي ٿاڻي ڪچي ڪيٽي تي داخل ڪرايو آهي. هن چيو ته ڪيس ڪنڌڪوٽ ۾ داخل هجڻ سبب هو ڪيس جي پيروي نٿا ڪري سگهن، کين اتي ويندي ڌاڙيلن مان جاني نقصان پهچڻ جو خطرو پڻ آهي. هن آءِ جي سنڌ پوليس کي اپيل ڪئي ته سندن ڪيس ڪنڌڪوٽ مان حيدرآباد ٽرانسفر ڪيو وڃي.17

ٺل لڳ نوجوان گم، اغوا جو شڪ

ٺل (ن ع آ)ٺل مان نوجوان گم،وارثن پاران اغوا جو شڪ،وارث پريشان،پوليس خاموش بڻيل،نوجوان جي بازيابي جو مطالبو،خبر موجب ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد  لڳ دينپور جو رهواسي 20 ورهين جو نوجوان کير جو واپاري عبدالحفيظ ولد علي محمد پنهور گم ٿي ويو آهي،ٽن ڏينهن کان لاپتا بڻيل نوجوان جي لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان کير وڪرو ڪرڻ جي لاءِ ٺل شهر ايندو آهي،ٽي ڏينهن اڳ جمال جي علائقي مان کير کڻي ٺل آيو جنهن بعد گم ٿي ويو آهي،ڪالهه نوجوان جي وارثن پاران نوجوان جي گمشدگي جو اطلاع ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڏنو ويو پر پوليس ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي وئي،پوليس خاموش بڻيل آهي، وجوان جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي،نوجوان عبدالحفيظ پنهور جي وارثن علي گل،عبدالحق،علي مراد پنهور ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جو نوجوان روزانو جمال جي علائقي مان کير کڻي ٺل شهر جي مختلف هوٽلن تي ڏيندو آهي،ٽي ڏينهن اڳ پڻ صبح جو 11 وڳي جمال مان کير کڻي ٺل شهر آيو،منجهند جو ٽي وڳي کان گم آهي جنهن جو هن مهل تائين ڪوبه ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو،جنهن سبب اسان پريشان آهيون،حد ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڪيو آهي پر پوليس هن مهل تائين ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي،هنن چيو ته حد ٿاڻي تي ٻن ڏينهن کان چڪر ڪاٽي رهيا آهيون،پوليس اسان کي اهو چئي موٽائي ڇڏي ٿي ته ڪوششون ڪري رهيا آهيون،اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي اسان جي نوجوان جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي،هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي مغوي عبدالحفيظ پنهور کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون،پوليس موجب نوجوان جي گمشدگي جو اطلاع مليو آهي،نوجوان جي ڳولا جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

اسلام ڪوٽ مان اغوا ڄاڻايل ناري بلوچستان مان هٿ

مٺي (بيورو رپورٽ) 2 مهينا اڳ اسلام ڪوٽ جي ميگهواڙ پاڙي مان مبينا اغوا ڄاڻايل ٻن ٻارن جي ماءُ ريتا ڪماري کي پوليس بلوچستان جي علائقي منجهو شوري مان  هٿ ڪري ورتو.گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ پوليس ناري کي هاءِ ڪورٽ سکر سرڪٽ بئنچ ۾ پيش ڪيو،جتي ناري پاران مائٽن سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو،جنهن بعد عدالت ناري کي وارثن جي حوالي ڪرڻ سان گڏ پوليس کي ناري ۽ وارثن کي مڪمل تحفظ ڏيڻ جو پڻ حڪم ڏنو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سکر ويل ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ قربان راڄڙ رابطي تي ٻُڌايو تہ ناري کي بلوچستان مان هٿ ڪرڻ بعد سکر جي هاءِ ڪورٽ بئنچ ۾ پيش ڪيوسين جتي ناري اهو بيان ڏنو تہ مونکي ڪنهن بہ اغوا ناهي ڪيو ۽ نہ ئي ڪنهن زبردستي ڪئي آهي،آئون مڙس جي روين کان تنگ ٿي گهران نڪري بلوچستان پهتس هاڻي واپس مائٽن سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي ناري جي اهڙي بيان بعد عدالت ناري کي وارثن حوالي ڪيو ۽ اغوا الزام هيٺ آيل جوابدار ڌُر آجا ٿي ويا،جڏهن تہ ٻئي طرف پ پ ليڊي اڳواڻ سمترا منجياڻي ڳالهائيندي چيو تہ اهو پهريون ڀيرو آهي جو ٿر ۾ اغوا ٿيل هندو ناري واپس ٿي آهي ۽ اهو بہ هڪ عورت جي مسلسل جدوجهد جي بدلي،اسان ناري کي بلوچستان جي علائقي مان بازياب ڪرايو آهي،هن چيو تہ ناري کي زبردستي ٿرڪول ۾ ملازمت ڪندڙ نوجوان رفيق ڊومڪي ساٿين سان گڏجي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويو هو اسان پ پ اڳواڻن ڊاڪٽر کٽومل،سريندر ولاسائي ۽ ٻين جي سپورٽ سان وڏي ڪوشش کانپوءِ ناري کي هٿ ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.